Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

دماغ تي گھڻو اثر ڪيو، اجتماع جي آخر ۾ جڏهن اسلامي ڀائرن ذڪرالله ڪيو ته ان کي پنهنجي دل تان گناهن جي سياهي دور ٿيندي محسوس ٿيڻ لڳي، ذڪر کان پوءِ گھري ويندڙ دعا ان جي دل جي دنيا ئي بدلائي ڇڏيو، خوفِ خُدا جي سبب ان جو پورو جسم ڏڪڻ لڳو. ان روئي روئي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پنهنجي گناهن کان توبه ڪئي ۽ آئنده سنتن ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔

ہے تجھ سے دعا ربّ اکبر! مقبول ہو’’فیضانِ سُنّت‘‘                مسجد مسجد گھر گھر پڑھ کر،اسلامی بھائی سناتا رہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! جهڙي طرح عالِمِ مدينه عشقِ رسول جي لازوال دولت سان مالامال هئا، جهڙي طرح عالِمِ مدينه هڪ سچا عاشقِ رسول هئا، جهڙي طرح عالِمِ مدينه جو سينو شهرِ مُصطَفٰي جي محبت سان سرشار هو، جهڙي طرح عالِمِ مدينه نسبتِ رسول جي اهميت ۽ فضيلت سان پوري طرح واقف ها، جهڙي طرح عالِمِ مدينه حديثِ رسول جو دلنشين انداز ۾ ادب و احترام ڪندا هئا، جهڙي طرح عالِمِ مدينه حديثِ رسول جي خدمت جي ڪري عوام ۽ خواص ۾ مشهور ۽ معروف هئا، اهڙي طرح عالِمِ مدينه جي مبارڪ سيرت جو هڪ دلڪش پهلو هي به آهي ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه عبادت و رياضت ۽ تلاوتِ قرآن جا به تمام گھڻا شيدائي هئا۔ اچو! عالم سڳورن جي زباني سندن عبادت، رياضت ۽ تلاوتِ قرآن سان محبت جون ڪجھ ايمان افروز جھلڪيون ٻڌو ۽ عبادت و رياضت ۾ مشروف ٿي وڃو،

امام مالڪ جي عبادت ۽ رياضت بابت بزرگن جا قول

٭ حضرت سيدُنا علامه قاضي عياض مالڪي رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه لکن ٿا ته حضرت سَيدُنَا زبير بن حبيب رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جن فرمايو: جڏهن به ڪنهن (اسلامي) مهيني جي آمد ٿيندي هئي ته امام مالڪ ان مهيني جي پهرين رات جو شب بيداري ڪندا هئا،٭ حضرت سيدنا زبير بن حبيب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجي خيال