Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

درس“ سان نمازين جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو آهي۔٭ ”مسجد درس“ جي برڪت سان ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جو موقعو ملندو آهي، ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي، جيئن

منقول آهي ته الله ڪريم حضرتِ سَيدُنا مُوسيٰ عَلَيه السَّلَام ڏانهن وَحي فرمائي: ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ٻين کي به سيکاريو، مان ڀلائي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن جي قبرن کي روشن فرمائيندس ته جيئن انهن کي ڪنهن قسم جي وَحشت نه ٿئي۔ (حِليۃُ الاَولِياء،۶/۵،حديث:۷۶۲۲) بيان ڪيل روايت مان معلوم ٿيو ته سٺين سٺين نيتن سان سُنَّتن ڀريو بيان ڪرڻ يا درس ڏيڻ ۽ ٻڌڻ وارن جا ته ڀاڳ ئي ڀلا آهن، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اُنهن جون قبرون اَندر کان جڳمڳ جڳمڳ ڪري رهيون هونديون ۽ انهن کي ڪنهن قسم جو خوف محسوس نه ٿيندو، اچو! ترغيب لاءِ ”مسجد درس“ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

خوفِ خدا سبب روئڻ جي مٺاس

هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابستگي کان پهريان فلمون ڊراما ڏسڻ جو بيحد شوقين هو، گناهن ۾ ايتري قدر ڦاٿل هو جو ان کي پنهنجي زندگي جي قيمتي گھڙين جي برباد ٿيڻ جو احساس تائين نه هو، ان جي زندگي ۾ ڪجھ هن طرح بهار آئي جو ان جي علائقي جي مسجد ۾ هڪ اسلامي ڀاءُ مدني درس (درسِ فيضانِ سنّت) ڏيندو هو، هڪ ڏينهن هو به درس ۾ شريڪ ٿي ويو، درس ٻڌائين ته گهڻو وڻيو، علم جون کوڙ ڳالهيون ٻڌڻ جو موقعو مليو ۽ فڪر آخرت تي مشتمل ڳالهيون ٻڌي دل جي ڪيفيت ئي بدلجي وئي۔ اهڙي طرح روزانو مدني درس (درسِ فيضانِ سنّت) ۾ شرڪت ڪرڻ ان جو معمول بڻجي ويو ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته عاشقانِ رسول سان ملاقات (Meeting) به رهڻ لڳي، اسلامي ڀائرن جي انفرادي ڪوشش جي نتيجي ۾ هڪ ڀيرو انهن کي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت نصيب ٿي، تلاوت و نعت ۽ سنّتن ڀري بيان ان جي دل ۽