Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

قضاءِ حاجت جي لاءِ حرم کان ٻاهر ويندا هئا

حضرت سيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مديني پاڪ جي مٽيءَ جي تعظيم خاطر مدينه منوره ۾ ڪڏهن به قضاءِ حاجت نه ڪئي ان ڪري هميشه مديني پاڪ جي لاءِ حرم کان ٻاهر هليا ويندا هئا، پر مرض جي حالت ۾ مجبور هئا۔ (بستان المحدثين ،ص۱۹)

مدینہ اس لیے عطارؔ جان و دل سے ہے پیارا                        کہ رہتے ہیں مِرے آقا مرے سرور مدینے میں

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مسجد درس“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيترا زبردست عاشقِ رسول هئا، جيڪي نه صرف پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذات بلڪ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نسبت رکڻ جي سبب حديثِ رسول، خاڪ مدينه ۽ شهرِ مصطفٰي سان ڪيتري قدر عقيدت ۽ محبت ڪندا هئا، اي ڪاش! امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جي صدقي اسان کي به حديثِ رسول جي ادب جي مدني سوچ نصيب ٿي وڃي ۽ اسان به سچا پڪا عاشقِ رسول بڻجي شهرِ مُصطَفٰي جي حسين تصورات ۾ گم رهڻ وارا بڻجي وڃون۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اِسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهڻ عشقِ رسول حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي، تنهنڪري اوهان به هن مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ ڪجھ نه ڪجھ وقت ضرور ڏيو۔ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه روزانو گھٽ مان گھٽ 2 ڪلاڪ مدني ڪمن جي لاءِ ڏيڻ جي ترغيب اِرشاد فرمائي آهي، يقيناً جيڪو جيترو وڌيڪ وقت ڏيندو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جي لاءِ ثواب ڪمائڻ جا موقعا به ايتري قدر گھڻا هوندا۔

ياد رهي! ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مسجد درس“ به آهي۔ ”مسجد درس“ سان مسجدون آباد ٿين ٿيون۔ ٭ ”مسجد درس“ سان انفرادي ڪوشش ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي۔٭ ”مسجد