Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

مجلسِ اَئِمَّه مساجد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي ڪم و بيش 104 شعبن ۾ دين متين جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي، انهن مان هڪ شعبو ’’مجلس ِاَئِمَّه مساجد‘‘ به آهي، جيڪو مَسجدن جي آبادڪاري جي لاءِ ائمَّه (امامن) خطيبن ۽ مُوذِّنن جي تَقرُّرِي جو ڪم سَراَنجام ڏيندي آهي ۽ انهن جي خَيرخَواهي ڪندي مناسب مُشاهرو (پگھار) به مُقَرَّر ڪندي آهي، ته جيئن هي اسلامي ڀائر مُعاشي پريشانين مان آزاد ٿي خُوب خُوب نيڪي جي دعوت عام ڪندا رهن۔ مَسجدن کي آباد ڪرڻ ۾ امامن ۽ مُؤذِّنن جو اَهمّ ڪردار هوندو آهي، دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته امام سڳورا، صداءِ مدينه، اِنفِرادي ڪوشش جي ذَريعي باجماعت نماز جي رَغبت، مَدَني درس، چوڪ درس، بعد نمازِ فَجر مَدني حلقي ۾ شِرڪت، مدني دوري جي ذريعي ان مسجد جي آس پاس جي گھرن ۽ دُڪانن وغيره ۾ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ ۽ سُنَّتن جي تربِيت جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني قافِلن جي بَرڪت سان مَسجدن کي آباد رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اوهان به مسجد آباد ڪري پنهنجي قَلبِ کي شاد ڪرڻ، پنجئي وَقت مسجد ۾ حاضِر ٿي پنهنجي رَبّ کي ياد ڪرڻ، عشقِ رسُول سان پنهنجي دل جي اُجڙيل بستي آباد ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول اپنائي رکو، خُوب خُوب مدني قافلن ۾ سُنَّتن ڀريو سفر ڪريو ۽ ’’فڪرِ مدينه‘‘ جي ذَريعي روزانو مدني اِنعامات جو رِسالو ڀري هر مدني يعني قمري مهيني جي پهرين تاريخ جو پنهنجي علائقي جي دعوتِ اسلامي جي ذِميدار کي جَمع ڪرايو۔

اللہ کر م ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                        اے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عشقِ رسول جون تقاضائون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جي عشقِ رسول جي باري ۾ ٻڌي رهيا آهيون۔ يقيناً اڄ کوڙ مُسَلمان سرورِ ذيشان،