Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

جو شڪار آهي۔ اسان ٻين جي ڪوتاهين کي ته نوٽ ڪريون ٿا پر پنهنجو محاسبو (Accountability) نٿا ڪيون، مثال طور اسان ڏسون ته ڇا اسان روزانو پنج وقت جون فرض نمازون پڙھون ٿا؟ جيڪڏهن پڙھون ٿا ته ڇا پابندي سان پڙھون ٿا؟ جيڪڏهن ها! ته جماعت سان پڙھون ٿا يا اڪيلي؟ جلدي جلدي پڙھون ٿا يا اطمينان سان؟ ڇا اسان عبادت ۾ اخلاص پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا؟ نيڪيون ڪري ٻين تي بلا وجه اظهار ڪري ڪٿي انهن کي ضائع ته نٿا ڪريون؟ ڇا نفلي عبادتن جي ادائيگي اسان جي معمولات ۾ شامل آهي؟ اسان روزانو ڪيترا سيپارا تلاوت ڪريون ٿا؟ جيڪڏهن ڪيون ٿا ته ڇا قاعدن ۽ مخارجن جي رعايت به ڪريون ٿا ؟ ڇا تلاوتِ قرآن ڪري يا ٻڌي اسان کي خوفِ خدا سبب ڪڏهن روئڻ آيو؟ ڇا اسان درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪريون ٿا؟ ڇا اسان جا لب به ذڪرُ الله سان تر رهن ٿا؟ ڇا اسان جي اکين مان به خوفِ خدا جي سبب لڙڪ نڪرن ٿا؟ ڇا اسان نفلي روزا رکي سگھون ٿا؟ ڇا اسان جو گھڻو وقت عبادت ۾ گذري ٿو؟ ڇا اسان موبائل، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جو سو فيصد درست استعمال ڪريون ٿا؟ ڇا اسان صداءِ مدينه لڳايون ٿا؟، ڇا اسان سنتن جي خدمت جي خاطر هر مهيني ٽن ڏينهن جي مدني قافلن ۾ سفر جي سعادت ماڻيون ٿا؟ ڇا اسان کي چوڪ درس ۽ مدني درس ڏيڻ يا ٻڌڻ جي سعادت ملندي آهي؟ ڇا مدرسة المدينه بالغان ۾ اسان جو پڙهڻ يا پڙهائڻ جو معمول آهي؟ ڇا هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۽ ٻين مدني ڪمن ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪندا آهيون؟ بهرحال اڃا به زندگي جو تسلسل باقي آهي، اڃا ساھ هلي رهيو آهي، اڃا موت جو فرشتو ناهي آيو ۽ اڃا هوش و حواس ڪم ڪري رهيا آهن، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان خوابِ غفلت مان بيدار ٿي فرائض ۽ واجبات سان گڏوگڏ نفلي عبادتن جي بجا آوري جي لاءِ به پنهنجو پاڻ کي تيار ڪريون ۽ ان مدني سوچ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان استقامت سان وابسته رهون۔