Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ   يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ اسان جي بَيان جو موضوع آهي ”امام مالڪ جو عشقِ رسول“، جنهن ۾ اسان عالِمِ مدينه حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مختصر تعارف، سندن ديني خدمتون ۽ سندن جي باري ۾ فرمانِ رسول ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، شهرِ مدينه، خاڪ مدينه ۽ حديثِ پاڪ جي ادب ۽ تعظيم جي باري ۾ سندن سيرت جا ڪجھ ايمان افروز واقعا به ٻڌنداسين، امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيترا وڏا عبادت گذار هئا، تلاوتِ قرآن سان پاڻ کي ڪيتري مَحَبَّت هئي ۽ سندن عبادت جو انداز ڪيتري قدر پيارو هو ان باري ۾ عالم سڳورن جا ارشاد به اسان ٻڌنداسين، الله ڪري ته دِلجمعي سان شروع کان آخر سٺين سٺين نيتن سان بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔