Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

مشغول رهون ٿا ۽ انهن کي نيڪي جي دعوت ناهيون ڏيندا،  سفر دوران ڪڏهن ڪڏهن گاڏي ۾ گانا يا فلمون ڊراما هلي رهيا هوندا آهن، اهو به نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو بهترين موقعو آهي، حڪمتِ عملي ۽ حسنِ اخلاق جو مظاهرو ڪندي ڊرائيور تي انفرادي ڪوشش، ان ڊرائيور کي ۽ گانا باجا ٻڌڻ وارن ٻين ماڻهن کي گناهه کان بچائي سگهي ٿي، ڪڏهن وري گاڏيءَ جي انتظار ۾ ويٽنگ روم ۾ اهڙا ئي دل ڏکائيندڙ منظر ڏسڻ ايندا آهن، ان موقعي تي به ان ويٽنگ روم سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏئي سگهجي ٿي. اهڙي طرح جون ٻيون کوڙ مثالون آهن جتي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جا موقعا ملندا آهن، نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۾ ڇاڪاڻ ته ثواب تمام گهڻو آهي، تنهنڪري شيطان ان ڪم ۾ وسوسا ڏياري نيڪي جي ان عظيم ڪم کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، حالانڪ مسلمانن کي سمجهائڻ فائدو ڏيندو آهي، جيئن ستاويهين سيپاري سورہ ذٰريٰت، آيت نمبر 55 ۾ ارشادِ ربّاني آهي: وَّ ذَكِّرْ فَاِنَّ الذِّكْرٰى تَنْفَعُ الْمُؤْمِنِیْنَ(۵۵)   ترجمو: ۽ سمجهاءِ جو سمجهائڻ مسلمانن کي فائدو ڏي ٿو.جڏهن ته حديث سڳورين ۾ نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائيءَ سان روڪڻ جون ترغيبون موجود آهن، جيئن

حُضُورِ پاڪ، صاحِبِ لَولاڪ،سَياحِ اَفلاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عبرت نشان آهي: توهان مان ڪو جڏهن ڪنهن بُرائي کي ڏسي ته ان کي گھرجي ته بُرائي کي پنهنجي هٿ سان بدلي ڇڏي ۽ جيڪو پنهنجي هٿ سان بدلڻ جي قوت نه رکي، ان کي گھرجي ته پنهنجي زَبان سان بدلي ڇڏي ۽ جيڪو پنهنجي زَبان سان بدلڻ جي به اِستِطاعت نه رکي ان کي گھرجي ته پنهنجي دل ۾ بُرو سمجھي ۽ اها ڪمزور ترين ايمان جي نشاني آهي۔ (مسلم، ڪتاب الايمان، باب بيان ڪون النھي عن المنڪر۔۔۔الخ، ص۴۸، حديث:۱۷۷)