Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

ڏانهن متوجھ ٿي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان شفاعت گھرو پوءِ الله پاڪ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت قبول فرمائيندو. (شفاء،القسم الثاني،الباب الثالث، فصل واعلم انّ حرمۃ النبي۔۔۔ الخ، الجزء الثاني ، ص۴۱)

اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪن ٿا:

تجھ سے چھپاؤں منہ تو کروں کس کے سامنے                   کیا اور بھی کسی سے توقع نظر کی ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! ڪروڙين مالِڪين جي عظيم پيشوا حضرت سيدُنا امام مالِڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيترا زبردست عاشقِ رسول هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي ذات جي لاءِ ته سڀ ڪجھ برداشت ڪري وٺندا هئا، پر جيڪڏهن ڪنهن شخص کي سندن جي ۽ اسان جي آقا و موليٰ،جنابِ احمد مجتبيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مسجد شريف ۾ آواز بلند ڪري بي ادبي ڪندي ڏسندا هئا ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي غيرتِ ايماني کي جوش اچي ويندو هو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان جي ان ناگوار حرڪت تي چپ ڪري نه ويهندا هئا بلڪ انهيءَ وقت ان کي نيڪي جي دعوت ڏيندي بارگاھ رسالت جا آداب (Manners) ياد ڏياريندا هئا ته هي اهو مقدس مقام آهي جنهن جا آداب اسان جي پياري ربِّ ڪريم پنهنجي پاڪيزه ڪلام قرآنِ ڪريم ۾ بيان ڪيا آهن۔ هن واقعي ۾ جتي حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي عشقِ رسول جي خبر پئي اتي هي به معلوم ٿيو ته حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نيڪي جي دعوت جو ڪو موقعو هٿن مان وڃڻ نه ڏيندا هئا، پر افسوس! هاڻي نيڪي جي دعوت جو جذبو گهٽ ٿيندو پيو وڃي۔ اسان ڪهڙا مسلمان آهيون جو اسان جي پنهنجي گھر، پاڙي، گهٽي، محلي يا علائقي ۾ برائيون ٿي رهيون هونديون آهن پر پر اسان روڪڻ تي قدرت رکڻ جي باوجود ”يا شيخ اپني اپني ديکھ“ جا مصداق رڳو پنهنجي اصلاح ۾ ئي