Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

اسان جو رايو اهو آهي ته حضرت سيدُنا امام مالڪ بن انس رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي علاوه ڪو به ”عالِمِ مدينه“ جي نالي کان مشهور ناهي، ماڻهن علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڏانهن جيترا سفر ڪيا اوترا ڪنهن ڏانهن ناهن ڪيا۔ (ترمذي،ابواب العلم،باب ماجاء في عالم المدينۃ،۴/۳۱۱، ملخصا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هي هڪ فطري معاملو آهي ته جنهن سان عشق ٿي ويندو آهي ان سان نسبت رکڻ واري هر شيء سان به عشق ٿي ويندو آهي۔ محبوب جي گھر کان، ان جي در و ديوار سان، محبوب جي گھٽي محلي تائين کان عقيدت ٿي ويندي آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فنا فِي الله ۽ فنا فِي الرَّسول جي نهايت بلند ۽ اعليٰ مَنصَب تي فائز هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نه صرف هڪ سچا عاشقِ رسول هئا بلڪ عشقِ رسول سندن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هو۔ الله پاڪ جي محبوب، داناءِ غُيوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نسبت رکڻ جي سبب پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نبين جي سرور، رسولن جي افسر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روشن فرمانن، شهرِ مدينه ۽ خاڪ مدينه کان تمام گهڻي عقيدت رکندا هئا بلڪ انهن جي نهايت تعظيم و توقير ۽ ادب واحترام ڪندا هئا۔ اچو! ترغيب طور ڪجھ ايمان افروز جھلڪيون ملاحظه ڪريو،

امام مالڪ ۽ حديثِ پاڪ جو ادب

حضرت سيدُنا امام مالِڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه (جن 17 سالن جي عمر ۾ حديث پاڪ جو درس ڏيڻ شروع ڪيو) جڏهن درس حديث ڏيڻو هوندو هو (ته غسل ڪندا هئا) مسند سجائي ويندي هئي ۽ پاڻ عمده لباس پائي، خوشبوءِ لڳائي نهايت عاجزيءَ سان پنهنجي حُجري مبارڪ کان ٻاهر تشريف فرما ٿي ان تي با ادب ويهندا هئا (درسِ حديث دوران ڪڏهن به پاسو نه بدليندا هئا) ۽ جيستائين ان مجلس ۾ حديثون پڙهيون وينديون هيون ان دوران اڳيٺيءَ ۾ عود ۽ لوبان ٻرندو رهندو هو۔ ( بستان المحدثين ،ص ۱۹ ، ۲۰)