Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه روضَهءِ رسول ڏانهن رُخ ڪري دعا ڪرڻ کي نه صرف جائز سمجھندا هئا بلڪ ان عمل ڪرڻ جو تاڪيد به ڪندا هئا۔ جيئن ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مديني جا عالم به هئا، تنهنڪري جيڪڏهن روضَه رسول ڏانهن منهن ڪري دعا ڪرڻ ناجائز يا شرڪ هجي ها ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ضرور ان عمل کان روڪين ها ۽ ان جي هرگز اجازت نه ڏين ها، ڄڻ ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عشق اهو چوي ٿو ته ڪعبي جي اهميت ۽ عظمت کان انڪار ناهي، پر ياد رکو! ڪائنات ۾ جنهن کي جيڪو ڪجھ به مليو آهي بلڪ جو ڪجه ملي رهيو آهي، اهو مڪي مدني مُصطَفٰي، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي ئي ملي رهيو آهي، جيئن ته

امامِ عشق و مَحَبَّت،اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  حدائق بخشش ۾ لکن ٿا:

لَا وَ رَبِّ الْعَرْش جس کو جو مِلا اُن سے ملا                    بٹتی ہے کونین میں نعمت رسولُ اللہ کی

مختصر وضاحت: عرشِ اعظم جي پيدا ڪرڻ واري ڪريم رب جو قسم! جنهن کي جيڪو ڪجهه به مليو آهي الله پاڪ جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ در تان ئي مليو آهي ڇو ته ٻنهي جهانن ۾ انهيءَ جو صدقو تقسيم ٿي رهيو آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! هاڻي عالِمِ مدينه حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مختصر پيارو تذڪرو ٻڌون ٿا:

حضرت سيدنا امام مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ولادت ۽ نسبي سلسلو

حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ولادت باسعادت صحيح قول جي مطابق (ماه ربيع الاول) 93ھ مَدِينه مُنوَّره ۾ ٿي۔ (تذڪرۃ الحفاظ،الجزء الاول،۱/۱۵۷)۔ سندن نالو مالڪ ۽ ڪنيت ابوعبدالله آهي، سندن نسب جو سلسلو هي آهي: مالڪ بن انس