Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

قُلْ اِنْ كَانَ اٰبَآؤُكُمْ وَ اَبْنَآؤُكُمْ وَ اِخْوَانُكُمْ وَ اَزْوَاجُكُمْ وَ عَشِیْرَتُكُمْ وَ اَمْوَالُ اﰳقْتَرَفْتُمُوْهَا وَ تِجَارَةٌ تَخْشَوْنَ كَسَادَهَا وَ مَسٰكِنُ تَرْضَوْنَهَاۤ اَحَبَّ اِلَیْكُمْ مِّنَ اللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ وَ جِهَادٍ فِیْ سَبِیْلِهٖ فَتَرَبَّصُوْا حَتّٰى یَاْتِیَ اللّٰهُ بِاَمْرِهٖؕ-وَ اللّٰهُ لَا یَهْدِی الْقَوْمَ الْفٰسِقِیْنَ۠(۲۴) (پ: 10، التوبة: 24)

 ترجمو ڪنزالايمان: تون فرماءِ جيڪڏهن توهان جا پيءُ ۽ توهان جا پُٽ ۽ توهان جا ڀائر ۽ توهان جون زالون ۽ توهان جو ڪٽنب ۽ توهان جو ڪمايل مال ۽ واپار جنهن جي نقصان جو توهان کي ڀؤ آهي ۽ توهان جي پسند جون جايون اهي شيون الله ۽ ان جي رسول ۽ ان جي راھ ۾ وڙهڻ کان وڌيڪ پياريون هجن پوءِ انتظار ڪريو تان جو الله پنهنجو حڪم آڻي ۽ الله فاسقن کي هدايت نه ڏيندو آهي.

ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  سان سچي پڪي محبت ڪريون ۽ ڪثرت سان پاڻ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذڪر ڪريون۔ جھومي جھومي ڪري پاڻ صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون نعتون پڙھون ۽ ٻڌون، سندن شان بيان ڪريون ۽ ٻڌون ۽ درود پاڪ جي ڪثرت ڪندا رهون اِنْ شَآءَالله ان جون خوب خوب برڪتون نصيب ٿينديون۔

(4)دوستن سان دوستي، دشمنن سان دشمني

عشق جي تقاضن مان هڪ هي به آهي ته جهڙي طرح هڪ سچي عاشق کي پنهنجي مَحبُوب سان نسبت رکڻ واري هر شيء سان محبت هوندي آهي، پنهنجي مَحبُوب جي دوستن ۽ ان جي عزيزن سان عقيدت هوندي آهي اهڙي طرح ان جي دشمنن سان دشمني رکڻ، انهن سان تعلق (Relation) نه رکڻ به عشق جو تقاضو آهي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به سرورِ ڪونين، نبي حرمين صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان نسبت رکڻ واري شين کي محبوب رکون، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دوستن يعني صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ سندن اهلِ بيتِ اطهار رِضْوَانُ اللّٰه عَلَيهمْ اَجْمَعِين سان مَحَبَّت ۽ اُلفت رکون، ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ