Imam Malik ka ishq e Rasool

Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

٭ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: هڪ شخص ٻه چادرون پائي تڪَبُّر سان هلي رهيو هو ۽ گهمنڊ ۾ هو اهو زمين ۾ دٻايو  ويو ۽ اهو قيامت تائين زمين ۾ دٻايو ويندو. (مُسلِم،کتاب اللباس والزینۃ،باب تحریم التبختر فی المشی...الخ،ص۱۱۵۶،حدیث:۲۰۸۸ملخصاً) ٭ رسولِ اڪرم،نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هلندا هئا ته ڪجهه اڳيان طرف جهڪي هلندا هئا ڄڻ ته پاڻ مٿانهون کان هيٺ پيا لهن۔ (الشمائل المحمدية للترمذی،باب ما جاء فی مشیۃ رسول اللہ ، ص۸۷،رقم:۱۱۸) ٭ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ نه هجي ته رستي جي ڪناري ڪناري وچٿري چال هلو، نه ايترو تيز جو ماڻهن جون نگاهون اوهان ڏانهن ٿين ۽ انهن کي ايئن لڳي ته تڪڙو تڪڙو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي! نه ايترو آهستي جو ڏسڻ واري کي اوهان بيمار لڳو ٭ رستي تي هلندي پريشان نظري(يعني بلاضرورت هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ) سنت ناهي، هيٺ نگاهه ڪري باوقار طريقي سان هلو ٭ هلڻ يا ڏاڪڻ تان لهڻ مهل هي احتياط ڪيو ته جوتن جو آواز پيدا نه ٿئي ٭ رستي تي ٻه عورتون بيٺيون هجن يا وڃي رهيون هجن ته انهن جي وچ مان نه گذرو جو حديث پاڪ ۾ هن جي مُمانعت آيل آهي. (ابوداود ،کتاب الادب،باب فی مشی النساء مع الرجال فی الطریق، ۴/۴۷۰،حدیث:۵۲۷۳) ٭ ڪجھ ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته رستي تي هلندي جيڪا به شيء سامهون آئي ان کي لتون هڻندي گذرندا آهن، هي بلڪل غير مُهَذَّب طريقو آهي ائين ڪرڻ سان ڪنهن جو پير زخمي ٿيڻ جو انديشو آهي ۽ اخبار يا لکائي وارن ڊٻن، پيڪٽن، ۽ مِنرل واٽر جي خالي بوتلن وغيره کي لت هڻڻ به بي ادبي آهي.

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ’’سنتیںاورآداب‘‘ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.