Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

امام مالڪ ۽ مسجدِ نبوي جو ادب

خليفي ابو جعفر منصور حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان مسجدِ نبوي شريف ۾ مناظرو ڪيو، مناظري دوران ابو جعفر جو آواز ڪجھ بلند ٿيو ته امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه ان کي (نيڪي جي دعوت ڏيندي) فرمايائون: اي اميرُالمؤمنين! هن مسجد ۾ پنهنجو آواز بلند نه ڪيو ڇوته الله پاڪ هڪ جماعت کي ادب سيکاريندي ارشاد فرمايو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تَرْفَعُوْۤا اَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبِیِّ (سيپاري:۲۶، الحجرات:۲)   

تَرجَمَو ڪنز الايمان: اي ايمان وارؤ! پنهنجو آواز مٿي نه ڪريو هن نبي (غيب جون خبرون ٻڌائيندڙ) جي آواز کان

ٻي جماعت جي ساراھ ڪندي ارشاد فرمايو ويو:

اِنَّ الَّذِیْنَ یَغُضُّوْنَ اَصْوَاتَهُمْ عِنْدَ رَسُوْلِ اللّٰهِ

ترجموڪنزالايمان؛ بيشڪ جيڪي پنهنجو آواز جهڪو رکندا آهن الله جي رسول وٽ،۽ هڪ قوم جي مذمت بيان ڪندي ارشاد فرمايو ويو:

اِنَّ الَّذِیْنَ یُنَادُوْنَكَ مِنْ وَّرَآءِ الْحُجُرٰتِ

ترجموڪنزالايمان؛ بيشڪ اهي جيڪي تو کي حُجري جي ٻاهران پُڪارن ٿا

پوءِ حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايائون: بيشڪ نور جي پيڪر، تمام نبين جي سرور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عزت ۽ حرمت اڃا به اهڙي طرح آهي جهڙي طرح پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهري حيات ۾ هئي، اهو ٻڌي ابو جعفر چُپ ٿي ويا، پوءِ پڇيائين: اي ابو عبدالله! مان قبلي ڏانهن منهن ڪري دعا گھران يا، رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي طرف متوجھ ٿي ڪري؟ فرمايائون: توهان ڇو حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان منهن ڦيريو ٿا جڏهن ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم توهان جا ۽ توهان جي والد حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جا بروز قيامت الله پاڪ جي بارگاھ ۾ وسيلو آهن بلڪه سندن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي