Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

۾ اوهان اها عبادت مهيني جو استقبال ڪرڻ جي غرض سان ڪندا هئا، ٭ صاحبزادي فاطمه بن مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا فرمائن ٿيون: امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هر رات پنهنجو وظيفو پورو ڪندا هئا ۽ جڏهن جمعي جي رات ايندي هئي ته سڄي رات الله پاڪ جي عبادت ۾ مشروف ٿي ويندا هئا، ٭ حضرت سَيدُنَا مغيره رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جو بيان آهي: هڪ ڀيري رات جي وقت ماڻهن جي سمهڻ کان پوءِ مان امام مالڪ بن انس وٽان لنگھيس، مون ڏٺو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيهي نماز ۾ مشغول آهن، جڏهن پاڻ سوره فاتحه پڙھي چڪا ته سوره ”اَلْهٰکمُ التَّکاثُرُ شروع ڪري ڇڏي، امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جڏهن هن آيت سڳوري تي پهتا:

ثُمَّ لَتُسْــٴَـلُنَّ یَوْمَىٕذٍ عَنِ النَّعِیْمِ۠(۸) (پ،۳۰،التڪاثر:۸)

                                                ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ بيشڪ ضرور ان ڏينهن توهان کان نعمتن جي پڇا ٿيندي ـ

ته گھڻي دير تائين روئندا رهيا، مان پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جي تلاوت ٻڌڻ ۾ مشغول ٿي ويس ۽ اتي بيٺو رهيس، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه انهيءَ آيت کي بار بار پڙهندا رهيا ۽ روئندا رهيا ايستائين جو صبح چمڪڻ لڳي، پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه رڪوع ڪيائون۔ مان پنهنجي گھر ڏانهن روانو ٿيس، مان وضو ڪري مسجد ۾ حاضر ٿيس ته ڇا ٿو ڏسان ته مسجد ۾ (علمِ دين جي) مجلس قائم آهي، ماڻهو سندن جي آسپاس حلقو (Circle) ٺاهي ويٺل آهن ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جي مبارڪ چهري ۾ خوبصورت نور چمڪي رهيو آهي۔ ٭ محمد بن خالد رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن به ان امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جو مبارڪ چهرو ڏسان ٿو ته سندن چهري ۾ مون کي آخرت (جو خوف رکڻ وارن) جون نشانيون نظر اچن ٿيون، جڏهن اوهان گفتگو ڪندا آهن ته مان ڄاڻي وٺندو آهيان ته حق سندن جي واتان نڪرندو آهي،٭  حضرت ابو مصعب رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه فرمائن ٿا: امام مالڪ رات جي هڪ حصي ۾ ڊگھا رڪوع ۽ سجدا ادا ڪندا هئا، جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه نماز ۾ بيهندا هئا ته ايئن لڳندو هو جيئن ڪا سڪل ڪاٺي هجي، جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه کي دُرن جي سزا ڏني وئي هئي ان وقت سندن رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه کي چيو