Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

ويو: مختصر نماز پڙھي وٺو، فرمايائون: ٻانهي کي گھرجي ته هو الله پاڪ جي لاءِ جيڪو به عمل ڪري، چڱي طرح ڪري۔ (سيپاروه 29 سُورَۃ المُلڪ جي آيت نمبر 8 ۾) الله پاڪ فرمائي ٿو:

لِیَبْلُوَكُمْ اَیُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًاؕ         (پ:۲۹، المُلڪ:۲)

 ترجموڪنزُالايمان: ته جيئن توهان جو امتحان ٿئي ته توهان مان ڪنهن جا ڪم  وڌيڪ بهتر آهن ۔

حضرت ابنِ وهب رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه بيان ڪن ٿا: مون حضرت سَيدُنا امام مالڪ بن انس رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه کان وڌيڪ متقي ۽ پرهيزگار ناهي ڏٺو۔ ٭ ابنِ قاسم رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته مون کي حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جي خادم ٻڌايو ته حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه چاليھ سالن تائين اڪثر عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا ڪئي،٭ ابنِ وهب رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه ڏينهن رات ۾ نفلي عبادت اڪثر اڪيلائي ۾ ادا ڪندا هئا ته جيئن ڪو ٻيو نه ڏسي سگھي۔ (تقريب المدارڪ وتقريب المسالڪ،۱/۹۲، ملتقطاً) ۔ ٭ علامه شعيب حَرِيفِيش رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهسحري جي وقت ڪثرت سان نماز، ذڪر ِ الٰهي ۽ اوراد و وظائف جو اهتمام ڪندا هئا، پوءِ درس وتدريس ۾ مشغول ٿي ويندا هئا۔ (حڪايتيں ۽ نصيحتيں،ص۴۲۱)

مرا ہر عمل بس ترے واسطے ہو                         کر اخلاص ایسا عطا یاالٰہی

عبادت میں گزرے مری زندگانی                         کرم ہو کرم یاخدا یاالٰہی

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  توهان ٻڌو! حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه ڪيترا وڏا عبادت گذار هئا، جيڪي ڏينهن رات تلاوتِ قرآن ونفل عبادات ۾ مشغول رهندا هئا، سندن عبادت جو انداز به ڪيترو پيارو هو جو نفلي عبادت به هميشه اڪيلائي ۾ ادا ڪندا هئا ته جيئن ماڻهو سندن کي عبادت گذار نه سمجھن۔ پر هاءِ! عبادت جي حوالي سان اسان جو ڪردار نهايت خسته حالي