Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

مهيني ۾ 3، 13، 23، 8، 18، 28 (تاريخن) کي منحوس سمجهندا آهن، اها به لَغو (يعني بيڪار) ڳالهه آهي۔       (بهار ِشريعت ،۳/۶۵۹)

اصل نحوست ته گناهن ۾ آهي

حڪيمُ الامّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسلام ۾ ڪو ڏينهن يا ڪا گھڙي منحوس ناهي، ها ڪجهه ڏينهن برڪت وارا آهن۔ (مراٰة المناجيح 5/484)  تفسير رُوح البيان ۾ آهي؛ صفر وغيره ڪنهن مهيني يا مخصوص وقت کي منحوس سمجهڻ دُرست ناهي۔ سڀئي وقت الله پاڪ جا ٺاهيل آهن ۽ انهن ۾ انسانن جا عمل واقع ٿيندا آهن۔ جنهن وقت ۾ مؤمن ٻانهو الله پاڪ جي اطاعت ۽ بندگي ۾ مشغول هجي اهو وقت مبارڪ آهي ۽ جنهن وقت ۾ الله پاڪ جي نافرماني ڪري، اهو وقت ان لاءِ منحوس آهي، حقيقت ۾ اصل نحوست ته گناهن ۾ آهي۔ (تفسير روح البيان،۳/ ۴۲۸)

دن رات مسلسل  ہے  گناہوں  کا تسلسل                                                                                       کچھ تم ہی کرو نا یہ نحوست نہیں جاتی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معاشري جي ناجائز رسمن ۽ ڏهاڙن مان هڪ ”بَسَنت ميلو“ به آهي۔ اهو ڏهاڙو توڙي جو غير مسلمن جو ايجاد ڪيل آهي پر ديني عِلم کان دوري جي سبب مسلمانن ۾ به هاڻي هن ڏهاڙي کي ملهائڻ جو رواج زور پڪڙيندو پيو وڃي۔ ياد رکو! بَسَنت ميلو کوڙ بُرائين ۽ بي حيائي جو مجموعو، وقت جو ضياع، پيسو برباد ڪرڻ جو ذريعو ۽ قيمتي جانن جي ضائع ٿيڻ، ڪيترن مسلمانن کي تڪليف ۾ وجھڻ جو سبب آهي۔ جيئن ته

بَسَنت ميلو ۽ پتنگ بازي جون آفتون

شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا جنهن جو خلاصو آهي ته: ٭ بَسَنت ميلو هڪ گستاخِ رسول جي يادگار آهي، ٭ بَسَنت ميلي ۾ پتنگ بازي جا