Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

خوشين ۾ مست هوندا آهن ۽ ”حياءُ“ پري بيٺو شرم کان پاڻي پاڻي ٿي رهيو آهي۔ اهڙين ئي محفلن جي ڪري ڪيترائي نوجوان ڀٽڪجي ويندا آهن ۽

پنهنجو ڌن دولت برباد ڪري ويهندا آهن۔ (تربيت اولاد،ص۳۷)

اميرِ اهلسنّت جي مدني سوچ جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ اهو ذهن ڏنو ويندو آهي ته نڪاح جي عظيم سُنّت جي ادائيگي جي موقعي تي غير شرعي ڪمن کان بچندي نڪاح کان پهريان اِجتماعِ ذِڪر و نعت جو اِهتمام ڪيو وڃي، الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذِڪر ٿئي، ٻنهي خاندانن ۾ خير ۽ برڪت جي لاءِ دُعائون ڪيون وينديون، شريعت جي دائري ۾ رهندي جيڪڏهن هن طرح رسمِ نڪاح ٿيندي ته الله پاڪ جي رحمت مان اُميد آهي ته کوڙ گناهن کان بچت به ٿي ويندي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

مڱڻيء جي رسم

مڱڻي شادي جي واعدي جو نالو آهي، پر ان موقعي تي به بيهوده رسمون ادا ڪرڻ تمام ضروري سمجهيو ويندو آهي جن مان هڪ اها به آهي ته ڇوڪرو پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي مڱينديءَ جي هٿ ۾منڊي پارائيندو آهي۔ (تربيت اولاد،ص۳۷) مرد کي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جي وارن کان سواءِ ميندي لڳائڻ ناجائز آهي، پر ڪافي گهوٽ پنهنجن هٿن کان علاوه پيرن تي به ميندي هڻندا آهن۔ (تربيت اولاد،ص۳۷) بينڊ باجي وارا گهرايا ويندا آهن، جيڪي ڄڃ جي اچڻ وقت پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن ۽ ساز و آلات وڄائڻ جو گناھ کٽڻ سان گڏوگڏ ستل مسلمانن ۽ مريضن کي تڪليف پهچائيندا آهن۔    (تربيت اولاد،ص38)

جيڪڏهن اهو هجي ته خاندان وارا پاڻ ۾ ملن، پردي جي رعايت هجي ۽ ڪا خلافِ شرع ڳالھ نه ٿئي ته مڱڻيء ۾ حرج ناهي۔

کير پيئارڻ جي رسم

ڪڏهن وري رخصتي جي وقت کير پيئارڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ گهوٽ کي نامحرم عورتن جي جهرمٽ ۾ گهرايو ويندو آهي۔ ان جا دوست ان کي اهڙي موقعي تي اڪيلو ناهن ڇڏيندا ۽ ان سان گڏ هليا ايندا آهن