Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

۾ ڪنهن گھر جو ڪو ڀاتي مري وڃي ته ان کي منحوس سمجھندا آهن ۽ جيڪڏهن ان گھراڻي ۾ پنهنجي ڇوڪري يا ڇوڪريءَ جي شادي جي تاريخ طئي ٿي ته ان کي ٽوڙي ڇڏيندا آهن۔ تيره تيزي نالي سان اڇن چڻن (ڪابلي چڻن) جو لنگر به ڪيو ويندو آهي۔ نياز فاتحه ڪرڻ مستحب ۽ ثواب جو ڪم آهي ۽ هر قسم جي حلال کاڌي تي هر مهيني جي هر تاريخ تي ڏياري سگهجي ٿو پر هي سمجھڻ ته جيڪڏهن تيره تيزي تي فاتحه نه ڏني ۽ اڇا چڻا پچائي نه ورهايا ته گھر جي ڪمائڻ وارن ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيندو، اهي اجايا خيال آهن۔

عربن ۾ صفر  جي مهيني کي منحوس سمجھيو ويندو هو

جاهليّت واري دؤر (يعني اسلام کان پهريان) به صفر المظفر جي باري ۾ ماڻهو اهڙي قسم جا وهمي خيال رکندا هئا ته هن مهيني ۾ مصيبتون ۽ آفتون گهڻيون ٿيندون آهن، اهڙي طرح اهي ماڻهو صفر جي مهيني اچڻ کي منحوس سمجھندا هئا۔ (عمدۃ القاري،۷/۱۱۰مفهوماً)

اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضاخان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه کان سوال ٿيو: ڇا مُحرم ۽ صفر ۾ نڪاح ڪرڻ منع آهي؟ ارشاد فرمايائون: نڪاح ڪنهن مهيني ۾ منع ناهي، اهو غلط مشهور آهي۔ (ملفوظات اعليٰ حضرت،ص۹۵)

حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: صفر جي مهيني کي ماڻهو منحوس سمجهندا آهن ان ۾ شادي وهانءُ ناهن ڪندا، ڇوڪرين کي ناهن اٿاريندا، اهڙن قسمن جي ٻين ڪمن کان به پرهيز ڪندا آهن ۽ سفر ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن، خاص ڪري صفر جون ابتدائي تيرهن تاريخون تمام گھڻيون منحوس سمجهيون وينديون آهن ۽ انهن کي تيره تيزي چوندا آهن، اهي سڀ جهالت جون ڳالهيون آهن۔ حديث ۾ ارشاد ٿيو ته؛ ”صفر ڪا شيء ناهي“ (بخاري،ڪتاب الطب،باب لاھامۃ، حديث: ۵۷۵۷، ۴/ ۳۶) يعني ماڻهن جو ان کي منحوس سمجھڻ غلط آهي۔ اهڙي طرح ذيقعده جي مهيني کي به ڪجهه ماڻهو برو سمجھندا آهن ۽ ان کي خالي مهينو چوندا آهن اهو به غلط آهي ۽ هر