Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

وقت گهرن کان ٻاهر آواز وڃڻ کي برو سمجهنديون آهن، اهڙن موقعن تي اهي به شريڪ ٿي وينديون آهن، ڄڻ انهن وٽ ڳائڻ ڪو عيب ئي ناهي۔ ڪيترو به پري تائين آواز وڃي ڪوبه حرج ناهي ۽ پڻ اهڙن گانن ۾ جوان ڪنواريون

 ڇوڪريون به شريڪ ٿينديون آهن۔ اهڙا شعر پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ ڪيتريقدر انهن جي دٻيل جوش کي اڀاريندا هوندا ۽ اخلاق ۽ عادتن تي ان جو ڪيترو اثر پوندو هوندو؟ اهي ڳالهيون اهڙيون ناهن جن جي سمجهائڻ جي ضرورت هجي يا ثبوت پيش ڪرڻ جي حاجت هجي.      (ماخوذ از بهار شريعت، ۳/ ۱۰۵ملخّصاً)

مينديءَ جي رسم

مينديءَ جي رسم جيڪڏهن هن ڳالھ جو نالو آهي ته ڪنوار کي خاندان جون عورتون گڏجي لڳائن ته اهو جائز آهي۔ شريعت جي دائري ۾ رهي ڪري جيڪڏهن اها رسم ادا ڪئي وڃي ۽ ان جي علاوه به ڪا خرابي نه هجي ته ڪو حرج ناهي بلڪ نيڪ نيت سان هجي ته ثواب جو ڪم آهي۔ پر اسان وٽ عام طور تي جائز مينديءَ جي رسم جي صورت گھٽ ئي ٿيندي آهي۔ اسان وٽ جنهن کي مينديء چوندا آهن، اها ان رسم جو نالو آهي جو جنهن ۾ نوجوان ڇوڪريون سهڻا لباس پائي، هار سينگار ڪري، بي پرده ٿي بازارن ۽ گهٽين مان ميندي جا ٿالهه کڻي گذرنديون آهن، پوءِ گهوٽ يا ڪنوار جي گهر وڃي نچڻ ڳائڻ جي ”پرائيويٽ“ محفل سجائينديون آهن ۽ قِسم قِسم جي فتنن جو ذريعو بڻجنديون آهن۔ (تربيتِ اولاد،ص۳۷،۳۶)

ميوزيڪل فنڪشن

انهيء تي بس ناهي بلڪ هاڻي ته باقاعده ميوزيڪل فنڪشن جو بندوبست ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ آلات موسيقي سان گڏ ڳائڻن ۽ ڳائڻين کان اسپيڪر تي گانا ٻڌا ويندا آهن ۽ ناچو عورتن جو ناچ ڏٺو ويندو آهي ۽ تاڙيون وڄائي، انهن کي داد به ڏنو ويندو آهي۔ اهڙي قسم جي محفلن ۾ جن بي حيائين، بدڪارين ۽ اخلاق کان ڪِريل ڳالهين جو مظاهرو ٿيندو آهي، انهن کي بيان ڪرڻ جي ضرورت ناهي۔    مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ! والدين، ڌيءُ پٽ، ڀيڻ ڀاءُ گڏجي اهڙين