Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شادي وهانء ۽ ٻين خوشي غمي جي تقريبات جي موقعن تي شريعت جي پيروي جو ذهن ماڻڻ ۽ دين ۽ دنيا جي ڪاميابي ۽ ڀلائي جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ حصّو وٺي پنهنجي علائقي ۾ سنتن جون ڌومون مچايو۔ ذيلي حلقي جي ٻارهن مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مدني ڪم چوڪ درس به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ چوڪ دَرس مُسَلمانن کي بُرائين کان بچائڻ جو ذريعو آهي. ٭ چوڪ دَرس بي نمازين کي نمازي بڻائي ٿو۔ ٭ چوڪ دَرس مسجدن کان پري رهڻ وارن کي مسجدن جي ويجھو ڪري ٿو۔ ٭ چوڪ دَرس جي بَرَڪت سان نيڪين ۾ رَغبَت پيدا ٿئي ٿي۔ ٭ چوڪ دَرس جي بَرَڪت سان عَلائقي (Area) ۾ مَدَني ڪمن جي ڌُوم مچي ويندي آهي۔ ٭ چوڪ دَرس نمازن جي پابندي جو ذِهن بنائڻ سان گڏوگڏ عِلمِ دِين جون گھڻيون ڳالهيون سيکارڻ جو ذريعو آهي ۽ ماڻهن تائين عِلمِ دِين جون ڳالهيون پهچائڻ اَجر ۽ ثَواب جو ڪم آهي۔ جيئن نبي اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: جيڪو شخص منهنجي اُمَّت تائين ڪا اسلامي ڳالھ پهچائي ته جيئن ان سان سُنَّت قائم ڪئي وڃي يا ان سان بد مذهبي دور ڪئي وڃي ته اهو جنَّتي آهي. (حليۃ الاوليا ء ،۱۰ /۴۵، حديث: ۱۴۴۶۶)

اچو! تَرغِيب خاطر چوڪ دَرس جي هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا

وفات کان پهريان توبه نصيب ٿي

بابُ المدينه (ڪراچي) جي رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ جي عَلائقي جي مسجد جي ٻاهران ”چوڪ دَرس“ ٿيندو هو۔ هڪ ڏينهن مَعمول مطابق چوڪ دَرس جي لاءِ اسلامي ڀاءُ تشريف فرما ٿيو ته آسپاس موجود ماڻهن کي دَرس ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پيش ڪئي، هڪ اسلامي ڀاءُ اڳتي وڌي ويجھو ئي رِڪشا اسٽينڊ تي موجود چوڪيدار راجو ڀائي کي به دَرس ۾ شِرڪت جي دعوت