Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

ويو ته درياءِ نيل سڪي (Dry) ويندو، پر قربان ٿجي! نگاھ نُبُوّت سان فيض ماڻيندڙ، بارگاھ رِسالت مان تعليم ۽ تربِيت حاصل ڪندڙ اَميرُالمُومنين حضرت سيدُنا عمر بن خطاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه تي! جن جي ڪري سالن کان جاري ان جاهليت ڀري ۽ شرمناڪ رَسم جو هميشه جي لاءِ خاتمو ٿي ويو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جھڙي طرح مصر وارن ۾ درياءِ نيل کي جاري رکڻ جي لاءِ بُري غير شرعي رسم جاري هئي، اهڙي طرح هن دؤر ۾ به کوڙ غَلَط قسم جا اِعتقادات (عقيدا)، تَوَھُّمات (وهم)، ناجائز رسمن ۽ غير شرعي تهوارن (Non Sharee Festivals) جي تباھ ڪارين معاشري کي شريعت ۽ سُنّت کان پري ڪري تباهي جي ويجھو بيهاري ڇڏيو آهي۔

اچو! ڪجھ ناجائز رسمن ۽ تهوارن جي باري ۾ ٻڌون ٿا، جيئن

صفر المظفر جي مهيني جي بابت پکڙيل بي بنياد خيال

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب”بدشگوني“ ۾ آهي ته نحوست جي وهمي تصوّرن ۾ مبتلا ماڻهو صفر واري مهيني کي مصيبتن ۽ آفتن جي نازل ٿيڻ جو مهينو سمجهندا آهن خاص ڪري ان جون ابتدائي تيرهن (13) تاريخون، جنهن کي ”تیرہ تیزی“ چيو ويندو آهي، تمام گھڻيون منحوس سمجھيون وينديون آهن۔ وهمي ماڻهن جو اهو خيال هوندو آهي ته صفر جي مهيني ۾ نئون ڪاروبار شروع نه ڪرڻ گھرجي، نقصان جو خطرو آهي، سفر ڪرڻ کان بچڻ گھرجي ايڪسيڊنٽ جو انديشو آهي، شاديون نه ڪريو، ڌيئرون نه اٿاريو، گھر برباد ٿيڻ جو امڪان آهي۔ اهڙا ماڻهو وڏو ڪاروباري لين دين (ڏيڻ وٺڻ) ناهن ڪندا، گھر کان ٻاهر اچ وڃ ۾ گھٽتائي ڪري ڇڏيندا آهن، ان گمان مطابق ته آفتون نازل ٿينديون آهن، پنهنجي گھر ۾ هڪ هڪ ٿانوَ ۽ سامان کي خوب ڇنڊيندا آهن، اهڙي طرح جيڪڏهن ان مهيني