Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

پراڻي بيهودا رسمن کي ختم ڪندو آهي۔ پوءِ جڏهن اها رسم روڪي وئي ته درياء جي وهڪري ۾ گھٽتائي ٿيندي وئي، ايستائين جو ماڻهن اتان وڃڻ جو ارادو ڪيو۔ اهو ڏسي حضرت سيِّدُنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ اَميرُالمُؤمِنِين، خليفهءِ ثاني، حضرت سيِّدُنا عمر بن خطاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي خدمت ۾ سڄو احوال لکي موڪليو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جواب ۾ لکيو؛ توهان ٺيڪ ڪيو، بيشڪ اسلام اهڙين رسمن کي ختم ڪندو آهي۔ منهنجي هن خط ۾ هڪ چٺي آهي، ان کي درياءِ نيل ۾ وجهي ڇڏجو۔ حضرت سيِّدُنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ وٽ جڏهن اَميرُالمُؤمِنِين جو خط پهتو ته انهن اها چٺي انهيءَ خط مان ڪڍي ته ان ۾ لکيل هو؛ (اي درياءِ نيل!) جيڪڏهن تون پاڻ وهندو آهين ته نه وَهُه ۽ جيڪڏهن توکي الله تعاليٰ جاري فرمائيندو آهي ته مان الله پاڪ کي عرض ڪيان ٿو ته تو کي جاري فرمائي۔“ حضرت سيِّدُنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ اها چٺي درياءِ نيل ۾ وڌي ته هڪ رات ۾ سورهن(16) گز پاڻي وڌي ويو ۽ اها رسم مصر مان بالڪل ختم ٿي وئي۔  (ڪراماتِ فاروقِ اعظم،ص۱۵،ص۱۰،العظمه لامام اصبهاني، ص۳۱۸ ،رقم: ۹۴۰، ملخصاً)

چاہیں تو اِشاروں سے اپنے، کایا ہی پلَٹ دیں دُنیا کی

یہ شان ہے خدمت گاروں کی، سردار کا عالَم کیا ہو گا

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! ڪائنات جي وجود ۾ اسلامي تعليمات جو نور پکيڙجڻ کان اڳ ۾ ڪهڙين ڪهڙين عجيب ۽ غريب، دردناڪ ۽ غير شرعي رسمن ۽ خرابين مُعاشري کي پنهنجي وڪڙ ۾ ورتو هو، مثال طور جڏهن درياء نيل سڪڻ لڳندو هو ته مصر جا ماڻهو هر سال هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي زيورات سان سينگاري ان کي دريا جي نالي قربان ڪندا هئا يعني دريا ۾ لوڙهيندا هئا ۽ اهو باطل نظريو قائم ڪري ورتو هو جو جيڪڏهن ائين نه ڪيو