Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

پيش ڪئي۔ راجو ڀائي دَعوَت قبول ڪندي مدني درس (درسِ فَيضانِ سُنَّت) ۾ شريڪ ٿيو۔ دَرس کان پوءِ مُبَلِّغِ دعوتِ اسلامي رِقّت انگيز دُعا کان اڳ ۾

 دَرس ٻڌڻ وارن کي اڳوڻن گناهن کان تَوْبه ڪرائي ۽ دُعا دوران حاضِرِين جي بخشش جي لاءِ به دُعا گھري۔ دُعا جي اِختتام تي دَرس ٻڌڻ وارن وڏي آوازِ سان دُرُودِپاڪ پڙھيو، راجو ڀائي دُرُودِ پاڪ پڙھندي آڱوٺا چُمي اکين (Eyes) سان لڳايا، وڏي آواز سان ڪلِمو شريف لَآاِلٰه اِلَّا الله مُحَمَّدٌ رَّسُولُ الله پڙھيو ۽ بي اِختيار زمين تي ڪري پيو۔ هڪ اسلامي ڀاءُ اڳتي وڌي ان کي کنيو ته ڏٺائين ان وَقت هو پنهنجي خالِقِ حقيقي سان ملي چڪو هو۔

ہے تمنّائے عطارؔیاربّ!اُن کے جَلووں میں یُوں مَوت آئے                     جھُوم کر جب گِرے میرا لاشہ تھام لیں بڑھ کے شاہِ مدینہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

”ويلنٽائن ڊي“ جون خرابيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معاشري ۾ پکيڙيل ناجائز رسمن ۽ ڏهاڙن مان هڪ ”ويلنٽائن ڊي“ به آهي۔ بسنت جيان اهو به غيرمسلمن جي ڏهاڙن مان هڪ ڏهاڙو آهي جيڪو کوڙ بُرائين جو مجموعو آهي۔ افسوس!صد ڪروڙ افسوس! بَسَنت جيان ”ويلنٽائن ڊي“ جي موقعي تي به ڪجهه نادان تمام شرعي حدن کي اورانگھي خوب گناهن جو بازار گرم ڪندا آهن۔ هن ڏهاڙي کي ملهائڻ جو انداز هي هوندو آهي ته نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بي پردگي ۽ بي حيائي سان ميل ملاپ، تحفا سوکڙين جي ڏي وٺ کان وٺي فحاشي ۽ عرياني جي هر قسم جو مظاهرو کلي عام يا لڪي چوري جنهن جو جيترو وس هلي ٿو عام ڏٺو يا ٻڌو ويندو آهي، گفٽ شاپس (gift shops) ۽ گلن جي دڪانن تي رش ۾ اضافو ٿي ويندو آهي ۽ انهن شين کي خريدڻ وارا به نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هونديون آهن۔ ويلنٽائن ڊي تي هوٽلن جي بڪنگ عام ڏينهن جي مقابلي ۾ وڌي ويندي آهي ۔شراب جو (مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ)