Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

موقعي تي غير شرعي رسمون ڪرڻ ۽ غير مسلمن جي ڏهاڙن ملهائڻ جا حد کان وڌيڪ شوقين هوندا آهن۔ دنيا هيڏانهن کان هوڏانهن ٿي وڃي، آنڌي، طوفان، سيلاب يا زلزلا اچن، قانون حرڪت ۾ اچي وڃي پوءِ به اهي انهن ناجائزرسمن کي ادا ڪرڻ ۽ غير مسلمن جي تهوارن(ڏهاڙن) کي ملهائڻ جي

 بُري ارادي کان هڪ انچ به پوئتي هٽڻ جي لاءِ تيار ناهن ٿيندا، بالفرض ڪو انهن جي اصلاح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ انهن کي هنن خرابين جا ديني ۽ دنياوي نقصان ٻڌائي ته جواب ملندو آهي ته اهي اسان جون خانداني رسمون آهن ۽ اسان جي ابي ڏاڏي جي زماني کان هلنديون اچن پيون، تنهنڪري اسان هنن رسمن کي بلڪل نه ڇڏينداسين۔ الامان والحفيظ۔ ياد رکو! ناجائز رسمن جي لاءِ خاندان (Family) وغيره جي عمل کي دليل ٺاهڻ هرگز عقلمندي ناهي بلڪ شريعت جي کُلم کُلا خلاف ورزي آهي، جيئن ته

غمي خوشي جي ناجائز رسمن ۾ مبتلا ماڻهن کي نصيحت

تفسيرصراط الجنان ۾ آهي: انهن ماڻهن کي پنهنجي طرزِ عمل تي غور ڪرڻ گھرجي جيڪي غمي خوشي جي موقعي تي شريعت جي خلاف رسمون ادا ڪرڻ ۽ ٻيا فعل ڪرڻ تي ڪو شرعي دليل پيش ڪرڻ جي بدران اهو چوڻ لڳندا آهن ته اسان جا وڏا پوڙها گھڻي عرصي کان اها رسم ۽ ڪم ڪندا پيا اچن ۽ اسان جي خاندان ۾ شايد ئي ڪو گھر اهڙو هجي جيڪو غمي خوشي جي موقعي تي انهن رسمن ۽ ڪمن کي نه ڪندو هجي، پوءِ اسان ڪنهن جي چوڻ تي انهن شين کي ڪيئن ڇڏي سگھون ٿا؟ جيڪڏهن اهي ماڻهو الله پاڪ ۽ ان جي رسول،رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏنل احڪامن کي اڳيان رکي پنهنجي طرزِ عمل تي صحيح طريقي سان غور ڪن ته انهن کي به معلوم ٿي ويندو ته انهن جون ڪجهه رسمون ۽ فعل شريعت جي سراسر خلاف آهن ۽ اهي انهن جي ڪلهن تي پنهنجي ۽ ٻين جي گناهن جو تمام وزني بار آهي۔  (صراط الجنان، ٧/۱۰۴)

شريعت جي مقابلي ۾ ابي ڏاڏي جي پيروي ڪرڻ ڪيئن؟