Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

(ياد رکو!) شريعت جي مقابلي ۾ گمراھ ابي ڏاڏي جي پيروي ڪرڻ حرام آهي۔ اهڙي طرح گناھ جي ڪمن ۾ ابي ڏاڏي جي پيروي ناجائز آهي ڇوته بحڪمِ حديث الله ڪريم جي نافرماني جي ڪم ۾ ڪنهن جي اطاعت نٿي ڪري سگھجي۔ (مسلم، ڪتاب الامارۃ،باب وجوب طاعۃ الامراء۔۔۔الخ،ص۷۸۹، حديث ۴۷۶۵)

اسان وٽ شادي، موت (خوشي غمي) ۽ ٻين ڪيئي موقعن تي شريعت تي هلڻ جو چيو وڃي ته ماڻهو اڳيان اهو ئي ابي ڏاڏي، خاندان ۽ برادري جي رسم ۽ رواج جو عذر پيش ڪندا آهن اهو به سراسر غلط ۽ باطل آهي۔ سڄي ڳالھ جو خلاصو هي آهي ته بُرن جي پيروي بُري آهي ۽ چڱن جي پيروي چڱي جيئن اسان صحابه (عَلَيهمُ الرِّضْوَان)، تابعين، ائمه مجتهدين، اولياء و صالحين( رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡهم اجمعين) جي پيروي ڪندا آهيون ته اهو تمام سٺو آهي ڇوته ان جو حڪم خود قرآن ڪريم ڏنو آهي جيئن فرمايو ويو:

وَ كُوْنُوْا مَعَ الصّٰدِقِیْنَ(۱۱۹) ( پ۱۱،التوبه:۱۱۹)

ترجمو ڪنز الايمان : ۽ سچن جي صحبت ۾ هجو.

هر نماز ۾ بزرگن جي پيروي جي دعا گھرڻ جو فرمايو، جيئن ارشاد آهي:

صِرَاطَ الَّذِیْنَ اَنْعَمْتَ عَلَیْهِمْ ﴰ غَیْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَیْهِمْ وَ لَا الضَّآلِّیْنَ۠(۷) (الفاتحه: 6-7)       

ترجمو ڪنز الايمان: انهن جو رستو جن تي تو احسان ڪيو نه(انهن جو) جن تي غضب ٿيو ۽ نه گمراهن جو.

الله ڪريم اسان کي چڱن جي پيروي ڪرڻ ۽ بُرن جي پيروي کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ (صراط الجنان،۱/۲۷۱ملتقطاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صفر المظفر جو مبارڪ مهينو اسان جي وچ ۾ پنهنجون برڪتون لُٽائي رهيو آهي۔ 17صفر المظفر ۱۳۹۸ھ اُمِّ عطار يعني اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي والده ماجده رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيها جو ڏينهن آهي ته اچو! انهيء مناسبت سان اُمِّ عطاررَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيهاجو مختصر تعارف ٻڌون ٿا:

اُمِّ عطار رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيها جو مبارڪ ذڪر