Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

مدني قافلن ۾ سفر جي سعادت ماڻن ٿا، ان ڪري همت ڪريو، داتا صاحب رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه ۽ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي والده ماجده رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡها جي ايصالِ ثواب جي لاءِ عاشقانِ رسول سان گڏ 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪريو۔

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! آئنده هفتيوار اِجتماع جو بيان اعليٰ حضرت،امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خانرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جي تصوف جي واقعن تي مشتمل هوندو، سڀ کان پهريان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جي بيعت ۽ خلافت جو هڪ دلچسپ واقعو، اعلي حضرت جو مختصر تعارف ۽ سندن سيرت جون ڪجھ جھلڪيون بيان ٿينديون، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه کي نمازِ باجماعت سان ڪيتري محبت هئي ۽ توڪل ۽ قناعت ۾ پاڻ ڪيتري قدر بلند مقام تي پهتل هئا، هن بابت سندن سيرت جا ڪجھ واقعا به اسان ٻڌنداسين، خلافِ شرع ڪمن کي طريقت جو نالو ڏيڻ وارن جي باري ۾ عالم سڳورن جيڪي ارشاد بيان ڪيا آهن انهن کي به بيان ڪيو ويندو۔ تنهنڪري! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ انفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو؛ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عقيقي  جون سُنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو!شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائيدَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي  غفلت مان عقيقي جون ڪجھ سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔ فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: ”ٻار پنهنجي عقيقي جي عيوض گروي آهي، ستين ڏينهن ان جي طرفان جانور ذبح ڪيو وڃي، نالو رکيو وڃي ۽ ان جو مٿو ڪوڙيو وڃي۔“ (تِرمِذي ج۳ ص۱۷۷ حديث۱۵۲۷) ٭ ”گروي“ ٿيڻ جو مطلب هي آهي ته ان مان پورو نفعو