Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

شريعت کي پسند ناهي لهٰذا مسلمانن جي دلين جي خوشي جو لحاظ رکندي اهڙن جائز رسم و رواج کي پورو ڪيو وڃي۔

اها شادي ٿي يا اعلانِ جنگ؟

٭ ڪجهه ماڻهو نچڻ ڳائڻ جا ايتري قدر شيدائي هوندا آهن جو مڱڻي واري ڏينهن ئي اهو شرط رکندا آهن ته ڪجھ به ٿي وڃي، شادي ۾ نچڻ ڳائڻ ضرور ٿيندو، جيڪڏهن نه ٿيو ته ياد رکو! اسان اهڙي شادي ۾ هرگز نه اينداسين۔ مَعَاذَاللهعَزَّوَجَلَّ ٭ وياج جو ڏيڻ وٺڻ ناجائز ۽ حرام آهي پر افسوس! ڪي ماڻهو شادي وهانء جي ناجائز رسمن کي پورو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ وياج تي قرض کڻندا آهن، ٭ جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته زال مڙس ۾ لڙائي جھيڙو روز جو معمول بڻجي ويندو آهي، ٭ گھر هئو ته اهو گھٽ پيسن ۾ وڪڻڻو پئجي ويندو آهي، ٭ ٻن خاندانن جي وچ ۾ نفرتن جي ديوار بيهي رهندي آهي ۽ ڏسندي ڏسندي خاندان جا خاندان اُجڙي ويندا آهن، ٭ هن ۾ هرگز ڪو شڪ ناهي ته شادي وهانء هڪ خوشي جو موقعو هوندو آهي، ٭ پر ڪي ماڻهو خوشي کي آڙ ٺاهي شادي وهانءُ ۾ مَعَاذَ الله ڪيئي ناجائز ۽ حرام ڪم ڪندا ۽ غير شرعي رسمون ڪري الله پاڪ جي غضب کي اُڀارڻ وارا ڪم ڪندا آهن ، ٭ ياد رکو! خوشي جي موقعي تي الله پاڪ جي نافرماني ڪرڻ هرگز عقلمندن جو طريقو ناهي۔      (بهارِ شريعت ،۲/۱۰۶ملخصاً)

ڳائڻ وڄائڻ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عام طور ڪيئي گهرن ۾ هي رواج هوندو آهي ته شاديءَ جي ڏينهن ۾ مٽ مائٽ ۽ پاڙي جون عورتون گڏ ٿي ڪري دُهل وڄائينديون آهن ۽ گيت ڳائينديون آهن، اهو حرام آهي جو پهريان ته دهل وڄائڻ ئي حرام، وري عورتن جو ڳائڻ، وڌيڪ اهو ته ان ۾ عورت جو آواز نامحرمن تائين پهچڻ ۽ اهو به ڳائڻ جو، جيڪي عورتون پنهجي گهرن ۾ ڳالهائيندي