Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

بند ٿي سگهي ٭ افسوس! معاشري کي رسمن ۽ رواج ايتري قدر قابو ۾ ورتو آهي جو بعض خاندانن ۾ شادي وهانءُ جي موقعن تي ناجائز رسمون ادا

 ڪرڻ نهايت ضروري سمجھيو ويندو آهي، پر انهن رسمن جي ادائيگي جي لاءِ انهن وٽ پيسو ناهي هوندو، تنهنڪري انهيء سبب کان اولاد جي شادين ۾ تمام گھڻي دير ڪندا آهن، ٭ ڪجهه ماڻهن کي شادي جي رسمن کي ادا ڪرڻ جو جنون ايتري قدر سوار هوندو آهي جو انهن رسمن جي ادائيگي جي لاءِ مَعَاذَ الله عَزَّ وَجَلَّ وياج جي لعنت کي ڳلي لڳائيندا آهن۔ (بهار شريعت، ۳/ ۱۰۴ملخّصاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! فتاويٰ رضويه جلد 4، صفحي 525 تي رسم ۽ رواج جا اصول بيان ڪيا ويا آهن، اچو! انهن اُصولن جي روشني ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا؛

1۔ فرائض و واجبات تي عمل جو معاملو هجي يا ڪنهن رسم کي ڪرڻ جي ڪري ڪو ناجائز ۽ حرام ڪم ڪرڻ جو سلسلو هجي ته هرگز ڪنهن مخلوق، برادري، قوم، وڏي يا رشتيداري جو لحاظ نه رکيو ويندو يعني ڪو منع ڪري تڏهن به فرضن ۽ واجبن ۽ سنّتِ مؤڪدّه تي عمل ڪيو ويندو ۽ ڪو ڪيترو ئي چوي پر مڪروه تحريمي ۽ ناجائز يا حرام ڪم نه ڪيو ويندو (اهو به ياد رهي ته هن طرح جي معاملي ۾ حد کان وڌڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، ڪٿي ائين نه ٿئي ته اسان ناجائز ڪاوڙ ڪري پاڻ کي گناھگار ۽ عذابِ نار جا حقدار ڪيون، چوڻي آهي: نجاست کي نجاست سان نه بلڪه پاڻي سان پاڪ ڪيو ويندو آهي)۔

2۔ جيڪڏهن ڪا اهڙي رسم آهي جيڪا شريعت جي خلاف نه هجي، ماڻهو ان کي اهتمام سان ڪندا آهن۔ ته ان کي ڪرڻ ۾ ماڻهن جي دلين جي رعايت ڪري توڙي جو ان جي ڪرڻ۾ڪو مستحب رهجي وڃي ڇوته هن طرح جون رسمون ڇڏڻ سان دليون تنگ ٿينديون آهن، نفرتون وڌنديون آهن، فتنو ٿيندو آهي ۽ ان جائز رسم کي نه ڪري ماڻهن کان هٽي هلڻ