Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

مقابلا ٿيندا ۽ فحش ڪلام هلايا ويندا آهن ٭ بَسَنت ميلو بي حيائي جو مجموعو آهي، ٭ بَسَنت ميلي ۾ هر سال بيشمار ماڻهو ۽ ٻار ڇتن تان ڪرڻ، پتنگ جي ڏور ڦاسڻ، بجلي جي تارن جي ڪرڻ يا مقابلي بازي دوران پاڻ ۾ جھيڙي جھٽي ۾ موت جي وادي ۾ هليا ويندا آهن ٭ بَسَنت ميلي جي سبب هر سال ڪيئي ماڻهو سڄي زندگي جي لاءِ معذور ٿي ويندا آهن، ٭ بَسَنت ميلي ۾ هر سال ڪروڙين روپيا برباد ڪيا ويندا آهن، ٭ بَسَنت ميلي ۾ هرسال ڪيئي ماڻهو پنهنجي جانين کان هليا ويندا آهن، الغرض بَسَنت ميلو بي شمار خرابين جو مجموعو آهي۔ الله ڪريم تمام مسلمانن کي بَسَنت ميلي جھڙي فضول ۽ بيهوده ڏهاڙن کان پري رهڻ ۽ ٻين کي به ان کان بچائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ (مدني مذاڪره قسط۹:يقينِ ڪامل ڪي برڪتيں،ص ۲۶-۲۵ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي معاشري ۾ مڱڻي ۽ شادي جي موقعي تي مختلف رسمون ادا ڪرڻ جو تمام گهڻو رواج آهي، ۽ وري هر علائقي، هر قوم ۽ هر خاندان جون پنهنجون پنهنجون خاص رسمون هونديون آهن۔ جيئن ته اهي رسمون فقط عُرف جي بنياد تي ادا ڪيون وينديون آهن ۽ ڪوبه ان کي فرض ۽ واجب تصوّر ناهي ڪندو ان ڪري جيستائين ڪنهن به رسم ۾ ڪابه شرعي قباحت نه هجي تيستائين ان کي حرام ۽ ناجائز نه ٿو چئي سگهجي۔ جيئن ته صدرُ الشَّريعه، بدرُ الطَّريقه حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: جنهن جو خلاصو هي آهي: ٭ اهي رسمون جن جي ادائيگي جي سبب شريعت جي خلاف ورزي نه ڪرڻي پوي ته اهڙين رسمن جي پابندي ڪرڻ ۾ شرعاً ڪو حرج ناهي، ٭ ڇوڪريءَ جوان ٿي وڃي ته ان جي جلد کان جلد شادي ڪرڻ ضروري آهي آهي ته جيئن فتني جو دروازو