Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلس جامعة المدينه آن لائن

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي دينِ متين جي 104 کان وڌيڪ شعبن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، انهن مان هڪ شعبو ”جامعة المدينه آن لائن“ به آهي، جامعة المدينه آن لائن جي تحت 4 ساله درسِ نظامي ڪورس ڪرايو ويندو آهي، درجي جو وقت روزانو تقريبًا 1 ڪلاڪ آهي۔ ٭ شعبه آن لائن ڪورسز جي تحت 30 ڪورس ڪرايا پيا وڃن، جن مان ڪجھ ڪورسن جا نالا ۽ اجمالي تعارف ٻڌو: ٭ تفسير قرآن ڪريم تي ٻن 2 طرح جا ڪورس آهن هڪ جنهن ۾ سڄي قرآنِ ڪريم جو تفسير "تفسير صِرَاطُ الجِنَان" مڪمل پڙھايو ويندو آهي ۽ ان ڪورس جو نالو به "تفسير صِرَاطُ الْجِنَان "آهي، ان جي مدت تقريبًا 26 مهينا آهي۔ ٭ ٻيو ڪورس فيضانِ تفسير جي نالي سان آهي جنهن ۾ سڄي قرآنِ ڪريم جو تفسير اِجمالاً پڙھايو ويندو آهي، ان جي مدت تقريباً 92 ڏينهن آهي. ٭ فيضانِ بهار شريعت ڪورس: هن ڪورس ۾ عالم بڻائڻ وارو ڪتاب بهارِشريعت 12 مهينن ۾ تقريباً پورو پڙھايو ويندو آهي۔ ٭ فقه ۽ عقائد ڪورس: هن ڪورس جي مدت به 12 مهينا آهي، هن ۾ عقائد ۽ فقه جا مختلف ڪتاب پڙھايا ويندا آهن ۽ فرض علوم سيکاريا ويندا آهن۔ ٭ فيضان نماز ڪورس ۽ طهارت ڪورس: انهن ٻنهي ڪورسن ۾ نماز ۽ طهارت جا مسئلا تفصيل سان پڙھايا ويندا آهن۔ انهن ٻنهي ڪورسن جي مدت 63 ڏينهن آهي۔ ٭ فيضانِ حج ۽ فيضانِ عمره ڪورس: زائرينِ حرمينِ طيبين جي لاءِ ڪيئي شاندار ڪورس آهن جنهن ۾حج ۽ عمري جا تفصيلي احڪام ۽ طريقو سيکاريو ويندو آهي، هنن ڪورسن جي مدت تقريباً هڪ مهينو ۽ روزانو درجي جو دورانيو تقريباً 30