Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

تمام گھڻو ڪاروبار ٿيندو آهي جڏهن ته سمنڊ جي ڪناري تي بي پردگي ۽ بي حيائي جو هڪ نئون سمنڊ ڏسڻ ايندو آهي۔

اهي ملڪ جتي غير مسلم مذهبي ۽ اخلاقي پابندين کان آزاد رهن ٿا ۽ فحاشي ۽ عُرياني ۽ بي حيائي جي ڪمن کي اتي هر طرح جي قانوني ڇوٽ حاصل آهي. ان ڏينهن جي ڌمچر مچائڻ، گوڙشور ڪرڻ کان بعض اوقات اهي به پريشان ٿي ويندا آهن ۽ ان جي خلاف بعض اوقات ڪٿي ڪٿي دٻيل احتجاج جي صداء به بلند ٿيندي رهندي آهي۔ پر وڏي ڏُک ۽ افسوس جي ڳالھ هي آهي ته هن ڏينهن کي غير مسلمن جيان بي حيائي سان ملهائڻ وارا گھڻا مسلمان به الله پاڪ ۽ ان جي رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه ِوَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عطا ڪيل پاڪيزه احڪامن کي نظر انداز ڪندي کُلم کلا گناهن جو اِرتڪاب ڪري نه صرف پنهنجي اعمال نامي جي سياهي ۾ اضافو ڪندا آهن بلڪ مسلم مُعاشري جي پاڪيزگي کي به ان بي هودگين سان ناپاڪ ۽ آلُودهه ڪندا آهن۔ بد نگاهي، بي پردگي، فحاشي ۽ عُرياني، اجنبي ڇوڪري ۽ ڇوڪرين جو ميل ملاپ، کل ڀوڳ، ان ناجائز تعلُّق کي مضبوط رکڻ جي لاءِ تحفن جو ڏي وٺ ۽ اڳتي بدڪاري تائين جي نوبت هي سڀ اهي ڳالهيون آهن جيڪي ان گناهن واري ڏينهن زور ۽ شور سان جاري رهنديون آهن، ۽ انهن سڀني شيطاني ڪمن جي ناجائز ۽ حرام هئڻ ۾ ڪنهن مسلمان کي ٿورو به شبو نٿو ٿي سگھي ڇوته قرآنِ ڪريم جي روشن آيتن ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي واضح ارشادن سان هنن ڪمن جو حرام هجڻ ثابت آهي. ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان ان طرح جي سمورين برائين کان پاڻ به بچون ۽ امتِ مسلمه  جي خيرخواهي جي مقدس جذبي جي پيشِ نظر ٻين مسلمانن کي به هن کان بچايون، ۽ الله ڪريم کي راضي ڪرڻ وارن ڪمن ۾ لڳي وڃون۔ ربِّ ڪريم اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صدقہ مجھے سرکار نواسوں کا عطا ہو         اغیار کے ٹکڑوں سے شہنشاہ بچالو