Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

پوءِ ڪا نامحرم نوجوان ڇوڪريءَ پنهنجي سهيلين جي جُهرمٽ ۾ گهوٽ کي کير جو گلاس پيش ڪندي آهي ۽ پوءِ شور شرابو ڪندا آهن ۽ گهوٽ جا دوست نامحرم عورتن سان مذاق مسخري ڪندا آهن ۽ پوءِ آخر ۾ گهوٽ کان کير پيئارڻ جي معاوضي جو مطالبو ڪيو ويندو آهي، جيڪو عام طور تي ان جي حيثيت کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي، اهڙي موقعي تي بي پردگي کان سواءِ به ڪافي ڏکوئيندڙ منظر ڏسڻ ۾ ايندا آهن۔     (تربيتِ اولاد، ص۳۸)

شادين ۾ آتش بازي

نچڻ باجا وڄائڻ آتش بازي حرام آهي، ڪير انهن جي حرام هئڻ کان واقف ناهي پر ڪيترائي ماڻهو انهن ڪمن جو ايترو ته اهتمام ڪندا آهن جو اهي ڪم نه هجن ته ڄڻ شادي ئي نه ٿي بلڪ ڪي ته ايترا بي باڪ هوندا آهن جو جيڪڏهن اهي حرام ڪم نه ٿين ته ان کي غمي ۽ جنازي سان تشبيهه ڏيندا آهن۔ اهو خيال ناهن ڪندا ته هڪ ته اهو گناھ ۽ شريعت جي مخالفت آهي ٻيو مال ضايع ڪرڻ ۽ ٽيون سڀ تماشائين جي گناھ جو اهو ئي سبب آهي ۽ سڄي ميڙ جيترو ان تي گناھ جو بار۔ آتش بازي ۾ ڪڏهن ڪپڙا سڙي ويندا آهن ڪڏهن ڪنهن جي گھر ۾ باھ لکي ويندي آهي ڪو سڙي ويندو آهي۔ مسلمان هئڻ جي حيثيت سان اسان تي لازم آهي ته پنهنجي هر ڪم کي شريعت جي مطابق ڪريون۔ الله پاڪ ۽ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مخالفت کان بچون، انهيءَ ۾ ئي دين ۽ دنيا جي ڀلائي آهي۔ (بهارِ شريعت،۲/۱۰۶ملتقطاً)

شادیوں میں مت گنہ نادان کر                                       خانہ بربادی کا مت سامان کر

چھوڑ دے سارے غلَط رَسْم ورواج                                  سنّتوں پر چلنے کا کر عہد آج

خوب کر ذِکْرِ خدا و مُصْطَفٰے                                              دل مدینہ اُن کی یادوں سے بنا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ’’چوڪ دَرس‘‘