Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

عرسِ پاک آگیا اُمِّ عطار کا                                               مولا روضہ دِکھا اُمِّ عطار کا

ان سے عطار کی ہم کو نعمت ملی                                          حق ہو کیسے ادا اُمِّ عطار کا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! 20 صفرالمظفر جو حضرت سَيدُنا داتا علي هجويري رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جو به عرسِ پاڪ آهي۔اچو! انهيء مناسبت سان داتا گنج بخش جو مختصر تعارف ٻڌون ٿا:

ولادت ۽ نسبي سِلسلو

حُضُور سيد داتا گَنج بَخش علي هجويريرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جي وِلادَتِ با سَعادَت ڪم وبيش 400 ھ ۾ غَزني شهر ۾ ٿي۔ ڪجھ عَرصي کان بعد سندن خاندان مَحَله هجوير اچي ويو، انهيءَ نِسبَت سان پاڻ هجويري سڏرائن ٿا. (اردودائرة المعارف ،۹/۹۱ ملخصاً) سندن نالو ”عَلي“ والِد جو نالو ”عُثمان“ آهي۔ ۽ کين سِلسِله نَسَب ڇهين واسِطي کان سَيدُ الشُّهدا، راڪبِ دوشِ مُصطَفٰي، حضرتِ سَيدُنا امامِ حَسَنِ مُجتَبيٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه سان وڃي ملي ٿو۔ (بزرگانِ لاهور،ص۲۲۲ملتقطاً) ۽ سندن ڪنيت ”اَبُوالحَسَن“ آهي۔ (اردو دائرة المعارف، ۹/۹۱) جڏهن ته مَشهور ۽ مَعرُوف لَقَب”گَنج بَخش“ ۽ داتا صاحب آهي۔ حضرت سَيدُنا داتا علي هجويري رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه تمام وڏا عالمِ دين،شيخِ طريقت ، عبادت گذار ۽ متقي بزرگ هئا، سندن ڪتاب ڪشفُ المَحجُوب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي۔ سندن وصالِ پُرملال 20 صفرالمظفر ۴۶۵ ھ جو مرڪزُالاوليا لاهور (پاڪستان) جي سر زمين تي ٿيو ۽ اتي ئي سندن مزار واقع آهي جيڪا دعائن جي قبوليت جو مقام آهي۔ داتا صاحب جي سيرتِ مبارڪه جي حوالي سان وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو رسالو ”فيضانِ داتا علي هجويري“ جو مُطالَعو ڪريو۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! خوش نصيب عاشقانِ رسول صفر المظفر ۾ حضرت سَيدُنا داتا گنج بخش رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ۽ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي والده ماجده رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡها جي ايصالِ ثواب جي لاءِ