Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

ڪيئي قومن ۾ رائج آهي۔ البت دينِ اسلام دِلين جي رعايت سان گڏوگڏ مال،

 عقل، مسلمان جي عزّت ۽ دِين جي اُصولن جي حفاظت جو به درس ڏي ٿو، تنهنڪري هر اها رسم جيڪا شريعت کان ٽڪرائي ٿي، ان جي مذمّت بيان ڪري ٿو ۽ حقيقت ۾ ان ۾ نه صرف اسان جي بلڪ خاندانن، برادرين ۽ قومن جي ڀلائي آهي۔

اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ جي بيان ۾ اسان ”معاشري جي رسمن“ مان ڪجھ بُرين رسمن جي باري۾ٻڌنداسين۔ مصر ۾هڪ غير اسلامي ۽ انسانيت کي تڪليف ڏيندڙ رسم وڏي عرصي کان جاري هئي، اها رسم ڪهڙي هئي ۽ ان جو خاتمو ڪيئن ٿيو؟ صفر جي مهيني بابت به کوڙ غلط ڳالهيون ۽ رسمون ماڻهن ۾ عام آهن، انهن جي باري ۾ علماءِ دِين جا ارشاد به ٻڌنداسين، شادي وهانءُ جي موقعي تي غير شرعي رسمن جي نشاندهي ڪئي ويندي، حضور داتا گنج بخش  رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  ۽ اُمِّ عطار رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡها جو مختصر تعارف به پيش ڪيو ويندو۔ الله ڪري ته اسان سڄو بيان ڌيان سان ٻڌڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

فاروقِ اعظم بيٺل پاڻي کي جاري ڪري ڇڏيو

اَمِيرِاهلسنت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادِري رضويدَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رسالي ”ڪراماتِ فاروقِ اعظم“ ۾ هڪ حڪايت نقل فرمائن ٿا: جڏهن مِصر فتح ٿيو ته هڪ ڏينهن مِصر وارن حضرت سيِّدُنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي عرض ڪيو؛ اي امير! اسان جي درياءِ نيل جي هڪ رسم آهي جيستائين ان رسم کي ادا نه ڪيو وڃي درياء ناهي وهندو۔ حضرت سيِّدُنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ پڇا ڪيائين؛ ڪهڙي رسم؟ چيائون؛ اسان هڪ ڪنواري ڇوڪريء کي ان جي والدين کان وٺي سهڻي لباس ۽ قيمتي زيورن سان سينگاري درياءِ نيل ۾ وجهدا آهيون۔ حضرت سيِّدُنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمايو؛ اسلام ۾ هرگز ائين نٿو ٿي سگھي  ۽ اسلام