Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

قوت ڏيندو آهي، ٭  حسنِ ظن دل ۽ روح کي پاڪيزه ڪندو آهي، ٭  حسنِ ظن ٻانهي کي نيڪ بڻائيندو آهي، ٭  حسنِ ظن سان الله پاڪ ۽ ان جي مدني حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا ملندي آهي۔

هڪ ڀيري نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ڪعبي پاڪ کي مخاطب ڪري ارشاد فرمايائون؛ تون پاڻ ۽ تنهنجي فضا ڪيڏي پياري آهي، تون ڪيڏو نه عظمت وارو آهين ۽ تنهنجي حُرمت ڪيڏي عظيم آهي، ان پاڪ ذات جو قسم جنهن جي قبضهءِ قدرت ۾ محمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي جان آهي! الله پاڪ جي ويجھو هڪ مؤمن جي جان ۽ مال ۽ ان کان سٺو گمان رکڻ جي حرمت تنهنجي حرمت کان به وڌيڪ آهي.

                (سنن ابن ماجه، ابواب الفتن، باب حرمۃ دم المؤمن وماله ،۴/۳۱۹، حديث:۳۹۳۲)

خُدایا عطا کر دے رحمت کا پانی

رہے قَلب اُجلا دُھلے بدگُمانی

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا تبرڪات:

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان هن ڳالھ مان بخوبي واقف هئا جو نبي مڪرم، رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَسراپا رحمت ۽ برڪت آهن، جنهن شيء کي به آقا ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان نسبت جو شرف ملندو آهي صحابه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان ان کي برڪت سمجھندا هئا۔ ان ڪري صحابه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان ڪيئي طريقن سان پياري آقا عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کان برڪتون ماڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، اهي پاڻ ڪريم عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي جسمِ اطهر کي تبرڪاً هٿ لائيندا هئا، پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي وضو جي بچيل پاڻي کي تبرڪ سمجھي ان مان برڪتون حاصل ڪندا هئا، جنهن پاڻي سان پاڻ ڪريم عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام پنهنجا مبارڪ هٿ ڌوئيندا هئا صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ان کي پنهنجن