Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

فيض ماڻڻ جي لاءِ ڪامل اعتماد شرط آهي

      تبرڪات مان فيض ماڻڻ جي لاءِ اِعتِقاد پڪو هئڻ گھرجي، ڪچو يقين نه هجي، مثال طور هي سوچڻ ته فُلاڻي بُزرگ کان يا فُلاڻي ولي الله جي مزار تي حاضِري ڏيڻ سان خبر ناهي فائدو ٿيندو يا نه، وار مبارڪ سان برڪتون ملنديون آهن يا نه۔ زَم زَم پيئڻ سان بيماريون ختم ٿينديون آهن يا نه، تعويذات سان مشڪلاتون حل ٿين ٿيون يا نه، دَم دُرُود سان فائدو ٿيندو آهي يا نه وغيره۔ ان طرح جي ڪچي ۽ مشڪوڪ خيالن سان فائدو ناهي ٿيندو۔ يقين جيترو پڪو هوندو، الله پاڪ جي رحمت مان اميد آهي فيض به ايتري قدر وڌيڪ ملندو ڇو ته فيض ماڻڻ جي لاءِ پختو اعتقاد هئڻ شرط آهي۔

      البت ياد رهي! وظيفه وغيره رضائي الاهي جي لاءِ ڪيا وڃن، نه ئي ڪم ٺاهڻ جي لاءِ، جنهن صرف پنهنجي غرض جي لاءِ ئي وظيفه ڪيا ته ان کي ثواب نه ملندو. هئڻ ائين گهرجي ته وظيفه الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪري ۽ ان جي وسيلي سان الله پاڪ کان پنهنجي ڪم ٿي وڃڻ جي دعا ڪري.

کوئی آیا پا کے چلا گیا                                           کوئی عُمر بھر بھی نہ پا سکا

مِرے مَولیٰ تُجھ سے  گِلہ نہیں                          یہ تو اپنا اپنا نصیب ہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تبرڪات مان برڪتون ملن ٿيون، مشڪلاتون ختم ٿين ٿيون ۽ مصيبتون پري ٿين ٿيون اهو عقيدو رکڻ اڄ جي نئين ڳالھ نه آهي، ڇوته قرآنِ پاڪ جي ڪيئي آيتن ۾ تبرڪات جي اهميت ۽ اڳوڻين امتن جي تبرڪات مان فيض ماڻڻ جي واقعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي۔ تابوتِ سڪينه(اهو متبرڪ صندوق جنهن ۾ انبياء ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جا تبرڪ رکيا ويندا هئا) مان بني اسرائيل جو برڪتون ماڻڻ، محرابِ مريم ۾ حضرت سيدنا زڪريا عَلَيه السَّلَام جو دعا گھرڻ ۽ ان جو قبول ٿيڻ۔ تبرڪات مان برڪتون ماڻڻ جا هي اهي واقعا آهن جيڪي قرآنِ پاڪ ۾ وڏي تفصيل سان بيان ڪيا ويا