Tabarukaat Ki Barakaat

Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

ملي سگهي ٿو، شريعت جي پاسداري جي برڪت سان نفرتن جون ديوارون محبتن جي فضائن ۾ تبديل ٿي سگهن ٿيون، جڏهن اسان جي پيدائش جو اصل مقصد الله پاڪ جي عبادت آهي ۽ اسان شريعت جي احڪامن کان آزاد به نه آهيون ۽ اسان کي قيامت جي ڏينهن پنهنجي هر عمل جو حساب به هر صورت ۾ ڏيڻو آهي ته ان جي عبادت کان غافل ٿيڻ، ان جي احڪامن کي ڇڏي ڏيڻ ۽ دنيا جي ڪم ڌنڌن ۾ ئي مصروف رهڻ ڪٿي جي دانشمندي آهي۔

مجلس”اِزديادِ حُب“

تنهنڪري زندگي کي غنيمت سمجھندي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان نيڪ بڻجڻ، گناهن کان بچڻ ۽ پابندِ سنت بڻجڻ جو ذهن بڻجندو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ اِسلام جون بهارون عام ڪرڻ جي لاءِ ڪم و پيش 104 شُعبن ۾ دِينِ اسلام جو پَيغام عام ڪري رهي آهي، انهن شعبن مان هڪ ’’مجلسِ ازدياد حب“ (يعني محبتون وڌائڻ وارو شعبو) به آهي۔ ٭  ”مَدَني انعام نمبر55“ ”ڇا اوهان هن هفتي گهٽ ۾ گهٽ هڪ اسلامي ڀاءُ کي (جيڪي پهريان مدني ماحول ۾ هئا پر هاڻي نه ٿا اچن) تلاش ڪري انهن کي مدني ماحول سان وابسته ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ (پر جنهن تي تنظيمي پابندي هجي ان کي نه ڇيڙيو)“ مدني انعامات نمبر 55 کي باقاعده تنظيمي طور تي عَمَلي جامو پارائيندي اهي پراڻا اسلامي ڀائر جيڪي اڳ ۾ ايندا هئا پر هاڻي نٿا اچن انهن کي مَدَني ماحول ۾ فَعال ڪري ”مسجد ڀريو تحريڪ“ ۾ شامل ڪرڻ، انهن کان پيشگي وَقت وٺي اِنفِرادي طور تي دُڪان، گھر يا دفتر وڃي ملاقات ڪرڻ، انهن کي سُنّتن ڀري اِجتماعن ۽ مَدَني مذاڪرن ۾ اچڻ جو ذهن ڏيڻ، اِجتماعي اِعتڪاف ۽ مَدَني ڪورسز (اِصلاحِ اَعمال ڪورس،فيضانِ نماز ڪورس وغيره) ڪرڻ جي ترغيب ڏيارڻ، مَدَني قافِلن ۾ سفرڪرائڻ، انهن جي گھرن ۾ مَدَني حلقي جي ترڪيب ڪرڻ، انهن کي مدرسةُ المدينه براءِ بالغان ۾ شرڪت ڪرائڻ، انهن جي خوشي، غمي،بيماري ۽