Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

جي 430 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”عجائب القرآن مع غرائب القرآن“ جي صفحي نمبر 52-53 تي آهي: (تابوتِ سڪينه) شمشاد جي ڪاٺيءَ جو هڪ صندوق هو جيڪو حضرت آدم عَلَيه السَّلَام تي نازل ٿيو هو. هي سندن آخري زندگي تائين پاڻ وٽ ئي رهيو. پوءِ ميراث ۾ هڪ ٻيئي پُٺيان سندن اولاد کي ملندو رهيو. هي وڏو مقدس ۽ بابرڪت صندوق هو. بني اسرائيل ۾ جڏهن ڪو اختلاف پيدا ٿيندو هو ته ماڻهو انهي صندوق کان فيصلو ڪرائيندا هئا. صندوق مان فيصلي جو آواز ۽ فتح جي بشارت ٻُڌي ويندي هئي. بني اسرائيل هن صندوق کي پنهنجي اڳيان رکي ۽ ان کي وسيلو بڻائي دعا گُهرندا هئا ته انهن جون دعائون قبول ٿينديون هيون ۽ مشڪلاتون، مصيبتون ۽ وبائن جون آفتون ٽري وينديون هيون. مطلب ته هيءَ صندوق بني اسرائيل جي لاءِ تابوتِ سڪينه، برڪت ۽ رحمت جو خزينو ۽ الله تعالٰي جي مدد جي نازل ٿيڻ جو نهايت مقدس ۽ بهترين ذريعو هو، پر جڏهن بني اسرائيل طرح طرح جا گناهن ڪرڻ لڳا ۽ انهن ۾ نافرماني ۽ طغيان، سرڪشي ۽ گناھ وڌي ويا ته انهن جي بري عملن جي نحوست جي ڪري انهن تي خدا جو اهو غضب نازل ٿيو جو قوم عَمَالِقه جي ڪافرن هڪ وڏي لشڪر سان انهن ماڻهن تي حملو ڪري ڏنو، انهن ڪافرن بني اسرائيل جو قتل عام ڪري انهن جي ڳوٺن کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو. عمارتن کي ڊاهي پٽي سڄي شهر کي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ ان متبرڪ صندوق کي به کڻي هليا ويا. ان مقدس تبرڪ کي نجاستن ۾ اڇلائي ڇڏيو. پوءِ ان بي ادبي جو قوم عَمَالِقه تي هي وبال پيو ته اُهي ماڻهو طرح طرح جي بيمارين ۽ بلائن ۾ مبتلا ٿي ويا. پوءِ قوم عَمَالِقه جا پنج شهر بلڪل برباد ۽ ويران ٿي ويا. ايستائين جو انهن ڪافرن کي يقين ٿي ويو ته هن رحمت واري صندوق جي بي ادبي جو عذاب اسان تي آيو آهي ته انهن ڪافرن جون اکيون کُلي ويون. پوءِ انهن ماڻهن ان مقدس صندوق کي هڪ ڏاند گاڏي تي چاڙهي ڍڳن کي بني اسرائيل جي ڳوٺن ڏانهن هَڪلي ڇڏيو. (عجائب القرآن،ص۵۲،۵۳)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان معلوم ٿيو! بزرگن جي