Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

۽ سڀني کيڏڻ وارن سميت ان تي انفرادي ڪوشش ڪري نماز ۽ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي ۽ هو مسلسل ان اسلامي ڀاءُ کي نيڪي جي دعوت ڏيندو رهيو۔ هفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جي برڪت سان آهستي آهستي انهن جي دل  نرم ٿي وئي، انهن جي ڪاري دل جي ڪاراڻ لهڻ لڳي، ان پنهنجي سمورن گناهن کان توبه ڪئي ۽ فضوليات کي ڇڏي دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ماحول سان وابسته ٿي ويو۔

یہاں سُنّتیں سیکھنے کو ملیں گی                                           دلائے گا خوفِ خدا مدنی ماحول

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بدگماني کان بچو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اولياءِ ڪرام ۽ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن کان تبرڪ وٺڻ ۾ دل ۾ ڪو شڪ ۽ شبهو نه هئڻ گھرجي، دل ۾ مختلف وسوسن کي جڳھ ڏئي، امتحان وٺڻ ۽ آزمائڻ جي آرزو کڻي تبرڪات وٺڻ وارن کي ڪڏهن ڪڏهن هٿوهٿ سزا به ملي ويندي آهي، هن ڳالھ کي هن حڪايت مان سمجھو، جيئن ته الله پاڪ جي هڪ ولي جي خدمت ۾ بادشاههِ وقت قدم بوسي جي لاءِ حاضر ٿيو. انهن وٽ ڪجھ صوف نذر (ڪنهن جي طرف کان تحفي) ۾ آيا هئا. انهن هڪ صوف بادشاھ کي ڏنو ۽ چيائين کائو. ان عرض ڪيو ته حضور اوهان به کائو، اهڙي طرح بزرگ صاحب به کاڌو ۽ بادشاھ به، انهيءَ وقت بادشاھ کي دِل ۾ خيال گذريو ته هي جيڪو سڀ کان وڏو سهڻي رنگ وارو صُوف آهي جيڪڏهن پنهنجي هٿ سان کڻي مون کي ڏين ته مان سمجھندس ته هي ولي آهن. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اهو صُوف کڻي ڪري فرمايو: “اسان مِصر ويا هئاسين اتي هڪ جڳهه وڏو هجوم هو، ڏٺوسين ته هڪ شخص آهي انهيءَ وٽ هڪ گڏهه آهي ۽ ان گڏهه جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي. هڪ شخص جي هڪ شيء ٻئي وٽ رکي ويندي آهي. ان گڏهه کان پڇيو ويندو