Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

پنهنجي ڪمزور ڪارڪردگيءَ يا ڪنهن تنظيمي مصلحت جي پيشِ نظر تنظيمي ذميداري ختم ڪئي وئي يا تبديل ٿي وئي ته ذِميدارن کان بدگُماني۔۔۔۔۔۔اِجتِماعِ ذِڪر ونعت جي اِنتِظَامن ۾ ڪمزوري ٿي ته انتظام ڪرڻ وارن کان هڪدم بدگُماني ۔۔۔۔۔۔ اِجتِماع ذِڪر ونعت ۾ ڪو شخص عشقِ رسول ۾ جُھومي رهيو آهي يا پنهنجي گناهن کي ياد ڪري روئي رهيو آهي ته بد گُماني۔۔۔۔۔۔ ڪنهن بُزرگ يا پِير پنهنجي مُرِيدن يا مُتَعِّلِقن جي ترغِيب يا تحديثِ نعمت (يعني نعمت جي چرچي) جي لاءِ ڪو پنهنجو واقِعو بيان ڪيو ته هڪدم ان کان بدگُماني ۔۔۔۔ جنهن قَرض ورتو ۽ اهو رَابِطي ۾ نه پيو اچي يا جنهن سان مال بُڪ ڪرايو اهو نه پيو ملي ته هڪدم بدگُماني ۔۔۔۔۔۔ ڪنهن وَقت ڏنو ۽ اچڻ ۾ دير ٿي وئي ته بد گُماني ۔۔۔۔۔۔ ڪنهن وٽ ٿورڙي ئي عرصي ۾ گاڏي، سٺو گھر ۽ ٻيون سهولتون اچي ويون ته بدگُماني۔ مطلب ته! اسان جو معاشرو هن وقت بدگماني جي خوفناڪ آفت جي وڪڙ ۾ آهي۔

ياد رکو! بدگماني ٻين ڪيئي گناهن ۾ مبتلا ڪندي آهي۔۔۔ بدگماني ٻين جي عيبن جي ٽوھ ۾ لڳائيندي آهي۔۔۔ بدگماني حسد تي اڀاريندي آهي۔۔۔ بدگماني غيبت ڪرائيندي آهي۔۔۔ بدگماني دل ۾ نفرتن جو ٻج پوکيندي آهي۔۔۔ بدگماني پاڻ ۾ محبتون ختم ڪري جدايون ڪرائيندي آهي۔۔۔ بدگماني حسنِ سلوڪ کان محروم ڪرائيندي آهي۔۔۔ بدگماني ٻانهي کي بدخُلق ٺاهيندي آهي۔۔۔ بدگماني الزام تراشي تي اڀاريندي آهي۔۔۔ بدگماني دنيا ۽ آخرت ۾ رسوا ڪرائيندي آهي۔ تنهنڪري عقل مند اهو ئي آهي جيڪو بدگماني جي بدران حسنِ ظن جي عادت اپنائي، ڇوته ٭  حسنِ ظن هڪ عمده عبادت آهي، ٭  حسنِ ظن گناهن کان بچائڻ وارو آهي، ٭  حسنِ ظن رکڻ ايمان جي تقاضن مان آهي، ٭  حسنِ ظن ايمان جو حصو آهي، ٭  حسنِ ظن نيڪ ماڻهن جي عادتن مان آهي، ٭  حسنِ ظن ٻانهي کي ثواب جو مستحق ڪندو آهي، ٭  حسنِ ظن ٻين جي عزتن جو محافظ آهي، ٭  حسنِ ظن کان سڪون ۽ قرار ملندو آهي، ٭  حسنِ ظن ٻانهي کي شيطان جي چنگل کان بچائيندو آهي، ٭  حسنِ ظن ايمان کي