Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

تبرڪات جا فائدا

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته بزرگن جي جسم سان نسبت رکڻ واري لباس جي هڪ ڌاڳي جو به ڪيترو شان آهي جو ان کي هٿ ۾ رکي دعا ڪئي وئي ته قبول ٿي وئي۔ الله پاڪ جيڪو سمورين برڪتن جو مالڪ آهي ان ڪريم رب پنهنجي انهن نيڪ ٻانهن کي دنيا جهان جي اهڙين برڪتن سان نوازيو هوندو آهي جو جيڪي شيون انهن سان منسوب ٿي وڃن اهي به بابرڪت ٿي وينديون آهن۔ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ ۽ اولياءِ عظام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين سان منسوب شيون وڏيون بابرڪت ۽ فيض واريون هونديون آهن، يعني انهن مقدس تبرڪات جو ادب ۽ احترام ڪرڻ وارن خوش نصيب عاشقانِ رسول کي انهن تبرڪات مان خوب فيض ملندو آهي ۔

تَبَرُّڪ ڪنهن کي چئبو آهي

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تبرڪ مان مراد (انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام، صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان) بزرگانِ دين جون اهي شيون جيڪي برڪت طور تي رکيون وڃن۔ (تبرڪات ڪا ثبوت،ص۲ بتغير) پياري پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسم سان مَسّ (Touch) ٿيندڙ ۽ نسبت رکڻ واري هر هر شيء به مُتَبَرَّڪ آهي، اهڙي طرح صحابَه ڪرام ۽ بزرگانِ دين رِضْوَانُ الله تَعَالٰي عَلَيهمْ اَجْمَعِين جي مبارڪ جسمن سان مس ٿيندڙ (۽ نسبت رکڻ واري) هر شيء به مُتَبَرَّڪ آهي۔ (تبرڪات ڪا ثبوت،ص۳،۴ ملتقطاً) ان ڪري اسان کي هر ان شيء جو ادب ۽ احترام ڪرڻ گھرجي جنهن کي بزرگن سان نسبت ٿي وڃي۔ انهن جا وار مبارڪ، قميص، جبو، دستار، پيالو مطلب ته! انهن سان نسبت رکڻ وارو ڪو ڪک هجي يا لباس جو ڌاڳو هجي ان جو ادب ۽ احترام ڪرڻ سان به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ برڪتون نصيب ٿينديون۔