Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

کي ان جي ويڳن(ماٽيلن) ڀائرن ڌوڪي سان کوھ ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ ڪي واپاري ان کي کوھ مان ڪڍي مصر کڻي ويا ۽ اتي وڪڻي ڇڏيائون، حضرت يعقوب عَلَيه السَّلَام پنهنجي پٽ حضرت يوسف عَلَيه السَّلَام جي جدائي ۾ گھڻو غمگين ٿيا ۽ ان غم ۾ لڙڪ وهائي وهائي سندن اکين جي روشني متاثر ٿي وئي، ڪيئي سالن کان بعد جڏهن حضرت يوسف عَلَيه السَّلَام کي پنهنجي ڀائرن جي ذريعي والد محترم جي بصارت جي ڪيفيت جو معلوم ٿيو ته انهن پنهنجي قميص تبرڪ طور پنهنجي والد محترم جي لاءِ موڪليائون، ۽ جيڪو ڪجھ فرمايائون قرآنِ پاڪ ۾اهو هن طرح بيان ڪيو ويو آهي، جيئن ته سيپارو 13 ، سورة يوسف جي آيت نمبر 93 ۾ ارشاد آهي: اِذْهَبُوْا بِقَمِیْصِیْ هٰذَا فَاَلْقُوْهُ عَلٰى وَجْهِ اَبِیْ یَاْتِ بَصِیْرًاۚ-وَ اْتُوْنِیْ بِاَهْلِكُمْ اَجْمَعِیْنَ۠(۹۳) (پ 13، يوسف 93)

ترجموڪنزالايمان: منهنجي هي قميص کڻي وڃو ان کي منهنجي پيءُ جي منهن تي وجھو ته ان جون اکيون نور واريون ٿي وينديون .

جڏهن حضرت يوسف عَلَيه السَّلَام جي ڀائرن اهو ڪرتو حضرت يعقوب عَلَيه السَّلَام جي چهري تي وڌائون ته ڇا ٿيو، ان کي ڪجھ آيتن کان بعد هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:

فَلَمَّاۤ اَنْ جَآءَ الْبَشِیْرُ اَلْقٰىهُ عَلٰى وَجْهِهٖ فَارْتَدَّ بَصِیْرًاۚ-        (پ 13، يوسف 96)

ترجموڪنزالايمان: پوءِ جڏهن خوشخبري ٻڌائيندڙ آيو ان اها قميص يعقوب جي منهن تي رکي ان وقت سندس اکيون ٿي ويون۔

تفسيرِ صراط الجنان ۾ آهي: جمهور مفسّر فرمائن ٿا ته خوشخبري ٻڌائڻ وارو حضرت يوسف عَلَيه السَّلَام جو ڀاءُ يهودا هيو. يهودا چيو ته حضرت يعقوب عَلَيه السَّلَام وٽ رت سان ڀريل قميص به مان ئي کڻي ويو هئس، مون ئي چيو هو ته حضرت يوسف عَلَيه السَّلَام کي بگهڙ کائي ويو آهي، مون ئي انهن کي غمگين ڪيو هو، ان ڪري اڄ ڪرتو به مان ئي کڻي ويندس ۽ حضرت يوسف عَلَيه السَّلَام جي زندگي جي خبر به مان ئي ٻڌائيندس. ته پوءِ يهودا ڪرتو کڻي 80 فرسنگ