Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

اجتماع“ تلاوتِ قرآن، نعتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ، سُنَّتن ڀري بيان، رِقَّت اَنگيز دُعا، ذِڪر ودُرُود جي مدني گلن ۽ عِلمِ دين جي گُلدستن سان سينگاريل هوندو آهي۔

12 مدني ڪمن مان هفته وار هن مدني ڪم ”هفتيوار اجتماع“ جي تفصيلي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ”هفته وار اجتماع“ جو مطالعو ڪيو، سڀئي دعوت اسلامي جا ذميدار، خاص ڪري هفته وار اجتماع جي مجلس جا نگران ۽ اراڪين ته هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن. هي رسالو مڪتبة المدينه تان حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ دعوت اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان به پڙهي سگهجي ٿو

هن رسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان ڄاڻي سگهندؤ ٭  اجتماع جون اهميتون ٭  دعوت اسلامي ۽ اجتماعن جو اهتمام ٭  هفته وار اجتماع ڇا آهي؟ ٭  اجتماع جو مڪمل جدول ٭  اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جا 13 فضائل ۽ برڪتون ٭  هفته وار اجتماع جي متعلق مرڪزي مجلسِ شورٰي جي مدني مشورن جا مدني گل ٭  خير خواهه جا 19 مدني گل ٭  هفته وار اجتماع سان متعلق احتياطون ۽ مفيد معلومات تي مبني سوال ۽ جواب ٭  هفته وار اجتماع جون شرعي ۽ تنظيمي احتياطون وغيره.

اچو! بطورِ ترغيب ”هفتيوار اجتماع“ ۾ شرڪت جي برڪت سان دعوت

اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ واري هڪ عاشقِ رسول جي مدني بهار ٻڌون ٿا جيئن

ٽيبل ٽينس جو شوقين

باب المدينه (ڪراچي) جو رهائشي اسلامي ڀاءُ مذهبي ذهن نه هئڻ سبب ٽيبل ٽينس جو بيحد شوقين هو، شام ٿيندي ئي ٽيبل ٽينس کيڏڻ ۾ مصروف ٿي ويندو هو ۽ ڪڏهن اهو سلسلو رات تائين جاري رهندو هو، الغرض اهڙي طرح جي ٻين فضول ڪمن ۾ اهو پنهنجا ڏينهن رات گذاري رهيو هو۔ هڪ ڀيري دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ ان وٽ آيو