Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

آهي، اهو گڏهه سڄي مجلس جو دورو ڪندو آهي، جنهن وٽ هوندي آهي، وڃي ڪري ڪنڌ جھڪائيندو آهي. پوءِ اهي الله پاڪ جا ولي فرمائڻ لڳا: اها ڳالهه اسان انهيءَ جي ڪري بيان ڪئي ته جيڪڏهن اهو صُوف نه ڏيون ته اسان ولي ئي نه آهيون، ۽ جيڪڏهن ڏينداسين ته ان گڏهه کان وڌيڪ ڪهڙو ڪمال ڏيکاريوسين. اهو چئي ڪري صُوف بادشاهه جي طرف اڇلائي ڇڏيو.           

                                                                                                               (بدگماني،ص35)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! هن حڪايت ۾ اسان جي لاءِ به سکڻ جا مدني گل آهن ته هميشه ٻين جي باري ۾ حسنِ ظن سان ڪم وٺڻ گھرجي، جيڪڏهن ڪو الله پاڪ جو نيڪ ٻانهو بطور ولي الله مشهور هجي تڏهن به ان جو امتحان وٺڻ کان بچڻ گھرجي ۽ هميشه حسنِ ظن جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي۔

اهڙي طرح تبرڪات جي معاملي ۾ شڪ نه ڪرڻ گهرجي، البت اهو ياد رهي ته ولي شريعت جو پابند هوندو آهي. جيڪڏهن وڏن وڏن جبن وارو، تمام گهڻيون منڊيون پائڻ وارو، بي نمازي شخص اسان کي ڪنهن مزار جي ٻاهر ملي وڃي ته اهو ولي ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟اهو به ياد رهي ته وليعالمهوندو آهي. توهان داتا صاحب، خواجه صاحب، غوثِ پاڪ (رَحمۃُ اللہِ تعالیٰ عَلَیْھِم اَجمعین) بلڪ ڪنهن به مشهور بزرگ جا واقعا پڙهندؤ ته توهان کي سڀني جي سيرت ۾ اهو ئي ملندو ته انهن جي زندگي جو شرعاتي حصو علمِ دين حاصل ڪندي گذريو. ياد رکو! حسنِ ظن ۾ فائدا ئي فائدا آهن، جڏهن ته بدگماني ۾ نقصان ئي نقصان آهن۔ افسوس! اڄ جي دور ۾ اسان جو هڪ تعداد آهي جيڪو حسنِ ظن بدران بدگماني ڏانهن گھڻو مائل هوندو آهي۔ ڳالھ ڳالھ تي بدگماني جا نظارا عام آهن۔ ڪنهن کي فون ڪريو ۽ اهو ريسيو Receive نه ڪري ته بدگُماني ۔۔۔۔۔۔ پٽ جو ڌيان ماءُ کان گھٽ ٿي وڃي ته هڪدم ننهن بابت بدگُماني۔۔۔۔۔۔ ڪنهن سٺي نوڪري کان فارغ ٿيا ته دفتر جي ڪنهن ماڻهو بابت بدگُماني ۔۔۔۔ ڪاروبار ۾ نُقصان ٿيو ته قريبي دڪاندار کان بدگُماني ۔۔۔۔۔۔