Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

جا احڪام“ صفحي نمبر 372 تي تحرير فرمائن ٿا: حضرت سيدنا بشر حافي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي انتقال کان پوءِ قاسم بن مُنَبّہ خواب ۾ ڏسي پچو، ما فَعَلَ اللہُ بِکَ؟ يعني الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو ؟ جواب ڏنائين، الله ڪريم مون کي بخشي ڇڏيو. ۽ ارشاد فرمايائين، توکي بلڪ تنهنجي جنازي ۾ جيڪي به شريڪ ٿيا انهن کي به مون بخشي ڇڏيو. پوءِ مون عرض ڪيو، يا الله پاڪ مون سان محبت ڪرڻ وارن کي به بخشي ڇڏ. ته الله ڪريم جي رحمت ويتر جوش ۾ آئي، ۽ فرمايائين: قيامت تائين جيڪي تو سان محبت ڪندا انهن سڀني کي به مون بخشي ڇڏيو. (شرح الصُدور،ص ۲۸۹)  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! حضرت سيدنا بشر حافي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هٿ لڳل گدري جو ادب ڪرڻ جي ڪري انهن نوجوانن جون دليون ئي بدلجي ويون انهن گناهن کان توبه ڪئي ۽ شهادت جي عظيم رُتبي تي فائز ٿيا، هن حڪايت مان اسان کي اهو مدني گل مليو ته جيڪڏهن بزرگن سان نسبت رکڻ واري ڪنهن شيء جو خلوصِ دل سان احترام ڪيو وڃي ته انسان دين ۽ دنيا جي سعادتن کان سرفراز ٿي سگھي ٿو۔ اڄ به جڏهن مسجدن ۾، اجتماعِ ميلاد ۾ ۽ ٻين هنڌن تي تبرڪات جي زيارت ٿيندي آهي ته ماڻهو پري پري کان عقيدت ۽ محبت سان ان ۾ شرڪت ڪندا آهن ۽ پنهنجي اکين کي روشن ڪندا آهن۔ اهڙي طرح ماڻهن ۾ دين تي عمل جو جذبو بيدار ٿيندو آهي ۽ ماڻهو نيڪ ڪمن ڏانهن مائل ٿيندا آهن۔

تبرڪ جي توهين تي سزائون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح تبرڪات جي تعظيم ۽ احترام ڪرڻ سان ڪيئي فائدا ملن ٿا ۽ برڪتون نصيب ٿين ٿيون اهڙي طرح جيڪڏهن انهن جي تعظيم نه ڪئي وڃي ۽ انهن جي بي ادبي ۽ توهين ڪئي وڃي ته ڪڏهن ڪڏهن دنيا ۾ ئي ان جي سزا به ملي ويندي آهي۔ ان جي سڀ کان واضح مثال تابوتِ سڪينه آهي، جيئن دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه