Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

تبرڪات جي توهين ۽ بي ادبي ڪرڻ قهرِ قهار ۽ غضبِ جبار کي دعوت ڏيڻ آهي ڇوته قوم عَمالِقه جڏهن ان بابرڪت صندوق جي بي ادبي ڪئي ته ان تي اهڙو قهرِ الٰهي جو زور ٿيو جو مصيبتن جي هجوم کان دانهون ڪرڻ لڳا ۽ انهن کي هن ڳالھ جو يقين ٿي ويو ته اسان تي بلائن ۽ مصيبتن جو حملو انهيء بابرڪت صندوق جي بي ادبي جي ڪري ٿيو آهي۔ پوءِ ان ڪري انهن ان مقدس صندوق کي ڏاند گاڏي تي رکي بني اسرائيل جي ڳوٺن ڏانهن موڪلي ڇڏيو ته جيئن اهي ماڻهو غضبِ الٰهي جي بلائن کان ڇوٽڪارو ماڻين۔

 

هن واقعي مان اهو مدني گل به مليو ته ڪا به قوم ايستائين الله پاڪ جي رحمتن ۽ نعمتن مان حصو ماڻيندي رهندي آهي جيسيتائين اها ان جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪندي رهي۔ جڏهن اها الله پاڪ جي نافرماني ۽ گناهن ۾ مبتلا ٿي وڃي ته دنيا ۽ آخرت جون کوڙ پريشانيون انهن جو مقدر بڻجي وينديون آهن، جيئن بني اسرائيل سان ٿيو جو جيستائين اهي انبياءِ ڪرام عَلَيه السَّلَام جا تابعدار (Obedient) رهيا، انهن جي بيان ڪيل ڳالهين تي عمل ڪندا رهيا ۽ انهن جي احڪامن جي پيروي ڪندا رهيا ته نهايت سڪون ۽ اطمينان سان رهيا پر جيئن ئي انهن انبياءِ ڪرام عَلَيه السَّلَام جي ٻڌايل احڪاماتِ الٰهيه کان پاسو ڪيو ته ذلت ۽ رسوائي انهن جو مقدر بڻجي وئي۔ جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته اڄ مسلمانن جي به اها ئي حالت آهي۔ صدين تائين مسلمان دنيا تي غالب رهيا ۽ هر ميدان ۾ ترقي ڪندا رهيا۔ پر جڏهن کان قرآنِ ڪريم جي احڪامن ۽ ان جي تعليمات تي عمل کان پري ٿيڻ لڳا ۽ رحمت عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري کان پاسو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اسلامي احڪامن کان منهن موڙيو ته طرح طرح جي مصيبتن ۾ مبتلا ٿيندا ويا ۽ اڄ جيڪا حالت آهي اها سڀني جي سامهون آهي۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هاڻي به وقت آهي، اڄ به جيڪڏهن اسان شريعت (يعني الله ۽ رسول جي احڪامن) تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون ته تمام مصيبتون ختم ٿي سگھن ٿيون۔ شريعت جي پاسداري جي برڪت سان آرام