Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

(يعني 240 ميل) ڊوڙندي آيا. يهودا جڏهن حضرت يوسف عَلَيه السَّلَام جي قميص حضرت يعقوب عَلَيه السَّلَام جي چهري تي وڌي ته انهيء وقت انهن جون اکيون درست ٿي ويون ۽ ڪمزوري کان پوءِ طاقت ۽ ڏک کان پوءِ خوشي موٽي آئي، پوءِ حضرت يعقوب عَلَيه السَّلَام فرمايو مون توهان کي نه چيو هو ته مان الله پاڪ جي طرف کان اها ڳالهه ڄاڻيان ٿو جيڪا توهان نه ٿا ڄاڻو جو حضرت يوسف عَلَيه السَّلَام زندهه آهن ۽ الله پاڪ اسان کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيندو. ( تفسیرکبیر، یوسف، تحت الآیۃ: ۹۶، ۶/۵۰۸، جمل مع جلالین، یوسف، تحت الآیۃ: ۹۶، ۴/۸۰، ملتقطاً)(صراط الجنان،۵/۵۴ملخصاً) 

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! حضرت سيدنا يوسف عَلَيه السَّلَامخود نبي آهن، پاڻ هڪ ٻي نبي، پنهنجي والد حضرت سيدنا يعقوب عَلَيه السَّلَام جي اکين جي مرض جي لاءِ بطور تبرڪ پنهنجو ڪرتو موڪلي رهيا آهن، ۽ جڏهن ان ڪرتي کي ان جي چهري تي وڌو ويو ته الله پاڪ انهن کي اکين جي بيماري مان شفا عطا فرمائي۔ هن مان معلوم ٿيو ته بزرگن سان نسبت رکڻ وارين شين کي تبرڪ سمجھڻ ۽ انهن مان برڪتون ماڻڻ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جو طريقو رهيو آهي، ۽ هن واقعي کي قرآنِ پاڪ ۾ ذڪر ڪرڻ هن ڳالھ جو اعلان آهي ته تبرڪات مان فائدو ٿيندو آهي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڏڪار مان ڇوٽڪارو ملي ويو!

           حضرتِ سيدنا شيخ عبدالحق محدثِ دهلوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري سخت ڏُڪار پيو، ماڻهن جي گهڻين دعائن جي باوجود بارش نه ٿي۔ حضرت سيّدنا نظام الدين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن پنهنجي امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي ڪپڙي جو هڪ ڌاڳو هٿ ۾ کڻي عرض ڪيو؛ يا الله پاڪ! هي اُن عورت جي دامن جو ڌاڳو آهي جنهن تي ڪڏهن ڪنهن نامَحرم جي نظر نه پئي، منهنجا ڪريم رب! انهيءَ جي ئي صدقي رحمت جو مينهن وساءِ! اڃا دعا ختم به نه ٿي هئي جو رحمت جا ڪَڪَر ڇائنجي ويا ۽ ڇما ڇم برسات شروع ٿي وئي۔

                                                                                           (اخبار الاخيار، ص۲۹۴)