Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭  نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭  ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭  ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭  ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭  صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭  بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ اسان ”تبرڪات جون برڪتون“ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ تبرڪات ۽ ان جي ثبوت ۾ ٻه (2) قرآني واقعا، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان نبي اڪرم رسولِ محتشم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مقدس تبرڪات جي ڪيتري تعظيم ڪندا هئا؟ تبرڪات جي تعظيم مان ڪهڙا ڪهڙا فائدا ٿيندا آهن، تبرڪات جي بي ادبي سان ڪهڙا نقصان ٿيندا آهن اهو به ٻڌنداسين۔ الله پاڪ ڪري ته دِلجمعي سان اسان اوّل کان آخر سٺين سٺين نيتن سان بيان ٻُڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔

يوسف جي قميص مان شفاء

سوره يوسف ۾ الله پاڪ جي نبي حضرت سيِّدنا يعقوب ۽ حضرت سيدنا يوسف عَلَيهمَا السَّلَام جو ڊگھو واقعو بيان ٿيو آهي، جڏهن حضرت يوسف عَلَيه السَّلَام