Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

فوتگي وغيره جي معامَلن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ مشڪلات ۾ مڪتوبات ۽ تعويذاتِ عطّاريه جي ترڪيب ڪرڻ وغيره هن مجلس جي مقصدن ۾ شامل آهي۔ الله ڪريم”مجلس اِزدِيادِ حُبّ“ کي مزيد ترقيون عطا فرمائي. اسان کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي نيڪي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                                  اے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا                                   جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عمامو ٻڌڻ جون سنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”163 مدني گل“ مان عمامو ٻڌڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا:

پهريان ٻه فرامين مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو: ٭  عمامي سان گڏ ٻه رڪعتون نماز (پڙهڻ) بغير عمامي جي ستر 70 رڪعتن کان افضل آهي ـ (فردوس الاخبار، ج 2 ص 265 حديث 3233) ٭  عمامه عرب جا تاج آهن ته عمامو ٻڌو توهان جو وقار وڌندو ۽ جيڪو عمامو ٻڌي ان جي لاءِ هر وَر تي هڪ نيڪي آهي. (ڪنزالعمال، 15/133 حديث،رقم 41138) ٭  دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب بهار شريعت جلد 3