Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار اِجتماع جي بيان جو موضوع آهي ” اُمّتِ مصطفٰي جون خاصيتون“ جنهن ۾ اسان سڀ کان پهريان تورات شريف ۾ اُمّتِ مُصطَفٰي جي بيان ڪيل خاصيتن (Characteristics) ۽ فضائلن ۽ ڪمالات جي باري ۾ ٻڌنداسين، جڏهن حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيه السَّلَام کي اُمّتِ محبوب جي خاصيتن جو عِلم ٿيو ته انهن ڪنهن شيء جي خواهش جو اِظهار ڪيو هو ان خواهش جي باري ۾ به اسان ٻڌنداسين، هن کان پوءِ اُمّتِ محبوب  جي اَفضليت جو سبب ۽ اُمّتِ مصطفٰي جون ڇھ (6) عظيمُ الشَّان فضيلتون به بَيان ٿينديون، اُمّتِ محبوب جي ماڻهن جا حافِظا ڪيتري قدر مضبوط هوندا آهن، ان بابت بزرگن جا اَقوال ۽ حافظُ الحديث حضرت سَيدُنا امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بي مثال يادداشت جو هڪ واقعو به اسان ٻڌنداسين۔ آخر ۾ غمخوارِ اُمّت، پيڪرِ عِلم وحڪمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پنهنجي اُمّت سان مَحَبَّت ۽ شفقت جون ڪجھ جھلڪيون به بَيان ٿينديون۔ تنهنڪري! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ انفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو:اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

﴿1جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ

 بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات)